سکر(بيورو رپورٽ) ماڊل ڪورٽ سکر گهرو اڻبڻت تان قتل ٿي ويل عورت جي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت سال 2020 ۾ پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿي ويل عورت بيبي نجمه شاهه جي قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻه، ٻه لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي
قيد جي سزا ٻڌايل جوابدارن ۾ رزاق، آصف، بشير، پيرل ۽ ڪاشف شاهه شامل آهن، عدالت نجمه جي قتل ڪيس ۾ سندس مڙس رسول شاهه کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي