شھدادپور (رپورٽ: عبدالحميد کوسو) ڳوٺ مراد مڪراڻي جي رهواسين پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي ڇهن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ خلاف سولنگي برادري جي ماڻھن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. علي گل، ڪرم داد ۽ نواب سولنگي دانهيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود روپوش جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن دانهيو ته جوابدارن رات اونداهي ۾ گهرن تي حملو ڪري نواب، مير محمد، سهراب، لال محمد، مسمات راڻي ۽ مسمات ڀان خاتون کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو آهي. جيڪي اسپتال داخل آهن، سرزمين تان جوابدارن جون گاڏيون پڪڙي پوليس حوالي ڪيون آهن پر پوليس گاڏيون چالان ڪرڻ بجاءِ واپس ڪري ڇڏيون. ھنن مطالبو ڪيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.