ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) ڀارتي فوج جي عورت آفيسر خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 43 سالن جي عورت ليفٽيننٽ ڪرنل مهاراشٽرا رياست جي پوني ضلعي ۾ پراسرار طور تي مئل حالت ۾ ملي آهي، خدشو آهي ته هن خودڪشي ڪئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس چيو آهي ته عورت آفيسر اتراکھنڊ جي رهواسڻ هئي ۽ ٽن مهينن جي ٽريننگ لاءِ جي پور آئي هئي.
پوليس موجب آپگهات ڪندڙ عورت ليفٽيننٽ ڪرنل جي شادي به ڪرنل سان ٿي هئي ۽ پنهنجي مڙس سان طلاق بابت مامر هو.
پوليس کي شڪ آهي ته عورت گهريلو تڪرار سبب خودڪشي ڪئي آهي ، پر جاچ جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي قبضي مان ڪو به خودڪشي جو نوٽ ناهي مليو ، پر سندس والد جو هڪ پراڻو خط مليو آهي، جڏهن ته عورت جو پيءُ پاڻ هڪ رٽائرڊ فوجي آهي.