اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته 90ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته پوءِ ڪڏهن به نه ٿينديون، چونڊن جو اعلان ڪنهن کي ڪرڻو آهي، ان تي بحث ٿيو آهي، هي پاڪستان جي تاريخ جو اهم ترين ڪيس آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري  چيو ته نواز ليگ ججز کي ورهائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، مريم نواز چوي ٿي ته پهريان انصاف، پوءِ چونڊون ٿين، اسان چاهيون ٿا ته سموريون پارٽيز پوليٽيڪل فريم ورڪ ڏانهن وڌن.