اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف رمضان مهيني ۾ افطاري ۽ سحري دوران ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ، گرمين دوران گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪرڻ،  سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻ واري ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آھي. وزير اعظم  ٿر مٽياري 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين منصوبي  ۾ دير تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي غفلت جي مرتڪب ٿيندڙ آفيسرن خلاف ادارا جاتي ڪاروائي کي يقيني بنائڻ جو به حڪم  ڏنو،  وزير اعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي مند دوران بجلي جي گهرج ۽ پيداوار جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 10 هزار ميگاواٽ جي سولر منصوبي تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مقامي سطحي سولر پينلز جي تياري لاءِ پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي، مقامي سطح تي اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن جي تياري بابت پاليسي به حتمي مرحلي ۾ آھي، ملڪ اندر قائم ڪارخانن ۾ وڌيڪ بجلي تي هلندڙ پکن ۽ بلبن جي تياري هلندڙ سال  30  جون بعد مڪمل بند ڪئي ويندي، لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪيو ويو آھي، وزير اعظم شهباز شريف بجلي بچت جي پلان تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بنائڻ  ۽ ان حوالي سان غفلت ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزير اعظم اين ٽي ڊي سي بورڊ جي ٻيهر جوڙجڪ جي به هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته رمضان مهيني ۾ افطاري ۽ سحري دوران ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.