اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا لانگ انڊس انيشيئيٽو تحت اسٽيئرنگ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت سنڌو درياهه ۽ ان جي معاون درياهن سان اقتصادي سرگرمين لاءِ موسمي تبديلي کان مستقل بچاءَ لاءِ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير ۽ ضروري قدمن کي يقيني بڻايو ويندو، وفاقي ڪابينا ربيع سيزن لاءِ جي ٽو جي بنيادن تي 3 لک ميٽرڪ ٽن يوريا امپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، ڪابينا جي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري وزيراعظم جي ثمرقند ۽ نيويارڪ جي دوري بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران 10 ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ چيني صدر شي جنگ پنگ، روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ ٻيا شامل هئا، روسي صدر سان ملاقات ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وسيع ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، وزيراعظم روس کان گهٽ لاڳت تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ بابت پاڪستان پاران دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي روسي صدر آجيان ڪئي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت بابت ڪابينا کي آگاهي ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم ترقي يافته ملڪن کي موسمي تبديلي جي ڀيانڪ اثرن جي ذميواري وٺڻ جو چيو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مجموعي طور تي پاڪستان ۾ موسمي تبديلي جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ بابت حمايت ۽ مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، وزيراعظم ڪابينا کي برطانيا جي دوري بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ ٽو جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ برطانيا جي بادشاهه چارلس سان به ملاقات ڪئي، جنهن ٻوڏ تباهين تي افسوس جو اظهار ڪندي برطانيا پاران ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 20 لک خاندانن ۾ 50 ارب ورهائي چڪا آهيون، وزيراعظم جو چوڻ هو ته سنڌ جي ضلعن ۾ موجود ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال لاءِ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، اين ايف آر سي سي، صوبائي حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتن کي فوري طور تي جامع منصوبه بندي ۽ عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، ڪابينا کي فرانس پاران اضافي واٽر پمپ جي فراهمي بابت آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي وزيراعظم ۽ ڪابينا فرانس جي حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو، وفاقي ڪابينا سرمائيڪاري بورڊ جي سفارش تي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جي منطوري ڏني، ان پاليسي تحت 3 وڏا معاهدا خصوصي اهميت وارا آهن، وفاقي ڪابينا موسمي تبديلي جي وزارت جي سفارش تي لونگ انڊس انيشيئيٽو تحت تمام لاڳاپيل وزارتن، صوبائي حڪومتن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي نمائندن تي ٻڌل اسٽيئرنگ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪابينا زور ڀريو آهي ته لونگ انڊس انيشيئيٽو ۾ پارليامينٽ جي تجويزن کي شامل ڪرڻ ضروري آهي، انهن قدمن ذريعي سنڌو درياهه ۽ ان جي معاون درياهن سان لاڳاپيل قدرتي وسيلن ۽ اقتصادي سرگرمين لاءِ موسمي تبديلي کان مستقل بچاءَ خاطر انفرا اسٽرڪچر جي تعمير ۽ ضروري قدمن کنيا ويندا، وفاقي ڪابينا صنعت پيداوار وزارت جي سفارش تي ربيع سيزن لاءِ ٽريڊنگ ڪارپوريشن کي جي ٽو جي بنيادن تي 3 لک ميٽرڪ ٽن يوريا پرڏيهه مان امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني، جڏهن ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افسوس آهي ته مهانگائي جو بار عوام تي وڌو، اسان ان جا ذميوار نه آهيون، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾خطاب ڪندي هن اهڙو اظهار ڪيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾  اسحاق ڊار کي ناڻي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي ڪابينا ميمبرن مبارڪباد ڏني، وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسحاق ڊار هڪ تجربيڪار ۽ مڃيل سياستدان آهي، اسان ان جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون، هن ماضي ۾ به ناڻي وزارت جو قلمدان ڪاميابي سان سنڀاليو، اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس ڪاميابي ڏئي، مفتاح اسماعيل تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪيو، هن پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، اسان کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته مهانگائي جو وڏو بار عوام جي ڪلهن تي وڌو ويو، توڙي جو اسان ان صورتحال جا ذميوار نه هئاسين، وزيراعظم اقوام متحده ۽ ثمرقند ۾ ايس سي او جي اجلاس دوران ٿيل ملاقاتن کان تفصيلي طور تي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته بلاول ڀٽو جو شڪرگذار آهيان ان تمام گهڻي محنت ڪئي، ڀرپور هوم ورڪ ڪيو،حنا رباني کر به مضبوط ڪردار ادا ڪيو.