اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ پاڻ کي پنج سالن کانپوءِ احتساب عدالت جي آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ڪالهه اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. ساڻس گڏ گهرو وزير رانا ثباءُ الله به گڏ هو. عدالت اسحاق ڊار کان پڇاڻو ڪيو ته گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ بابت اوهان جي درخواست ملي آهي، ڪهڙو مسئلو هو، ايترو عرصي ڪٿي هئا؟ جنهن تي اسحاق ڊار چيو ته بيماري سبب پرڏيهه ويو هيس، آئون طبيعت جي خرابي باوجود اچڻ پئي چاهيو پر عمران منهنجو پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيو هو، سڄي دنيا جي سفارتخاننن کي هدايتون ڏنيون هيون ته پاسپورٽ نه ڏنو وڃي، هاڻ پاسپورٽ مليو آهي ته حاضر ٿيو آهيان، عدالت چيو ته گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست اثاثا ريفرنس سان گڏ ٻڌنداسين، جنهن کانپوءِ اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي نيب کان 7 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو ۽ اسحاق ڊار کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته منهنجي خلاف ڪيس ڪوڙو آهي، منهنجي مٿان عمران خان ڪوڙو ڪيس ٺاهيو. انٽرپول به ڪلين چٽ ڏني. ٽي وي چينل تي ڪوڙو الزام لڳائڻ تي برطانيه ۾ مٿن 3 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ادا ڪيو.، مون اهي پيسا غريبن ۾ ورهائي ڇڏيا، عمران خان جي حڪومت ۾ منهنجو پاسپورٽ رد ڪيو ويو، هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهيا ويا جنهن سبب مون تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون. مون ڪڏهن به پنهنجا ٽيڪس جمع ڪرائڻ ۾ دير ناهي ڪئي. انتقام ان حد تائين پهچي چڪو آهي جو ڏوهاري سري عام گهمي رهيا آهن ۽ شريف ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسحاق ڊار چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچايو آهي. اڄ به جيڪڏهن معاشي پريشانيون آهن ته اهي عمران خان جي ڪري آهن. اسحاق ڊار چيو ته عمران خان پاڪستان جو اهڙو حال ڪيو آهي جيڪو ڪو دشمن به نٿو ڪري سگهي. هن پاڪستاني عوام لاءِ باردوي سرنگون وڇايون، عمران خان پنهنجي ڪرتوتن تي الله کان معافي گهري، ڪجهه خدا کان ڊڄي، پاڪستان کي هلڻ ڏئي. ناڻي واري وزير چيو ته منهنجي اچڻ سان پاڪستان جي قرضن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. اسان معيشت کي بحال ڪنداسين سڀني کان پهرين وياج جي شرح کي هيٺ آڻينداسين. پاڪستان جا 5 سال ضايع ٿي ويا ملڪ هاڻ 30 سال پوئتي وڃي چڪو آهي. ڪجهه ڏينهن دوران معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسحاق ڊار چيو ته جيڪي چئي رهيا آهن ته ڊيل ٿي آهي انهن کان پڇو ته مون کي پاسپورٽ ڇو ناهي ڏنو ويو. مفتاح اسماعيل پنهنجي تجربي جي بنياد تي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو اسان جي معاشي ٽيم جو حصو رهندو. 4 سالن جي خراب معيشت کي 6 مهينن ۾ صحيح نٿا ڪري سگهون. سياست کي پاسي ڪري ملڪي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. اسحاق ڊار چيو ته (ن) ليگ ملڪ جي معيشت کي بهتر حال ۾ ڇڏي وئي. 3 ڌرڻن باوجود اسان معيشت کي بهتر ڪيو. عالمي معاشي ادارن اسان جي دور ۾ معاشي ترقي جو اعتراف ڪيو. ماضي ۾ معيشت سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي سڀني کي خبر آهي اسان جي دور ۾ مستحڪم معيشت جو گذريل حڪومت ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. اسان مشڪل چيلنجز کي منهن ڏنو آهي. اسان ڪم ڪنداسين ڪاميابي رب پاڪ ڏيندو. اسان پاڪستاني ڪرنسي سان ڪنهن کي به کيڏڻ نه ڏينداسين، روپئي جي قيمت ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڊالر ڪمزور ٿي ويو آهي. قرضن جو بار گهٽ ٿيو آهي. معاشي معاملن کي بهتر طريقي سان انجام ڏينداسين. اسان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته دنيا پابنديون لڳائي ڇڏيون. ان موقعي تي هڪ صحافي طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي ناڻي واري وزير چيو ته ٻه چار ڏينهن ته ڏيو هن وقت پيٽرول جي قيمتن تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي.