ھڪ جپسي ڪالم … پھاڙن سان پيارَ جي ڪھاڻي . اميرگلَ زباني.

0
113
ھڪ جپسي ڪالم ... ٻه ٽي لُڙڪ ناھن، سمنڊ آ اکين ۾ ...

 مان فيس بوڪَ تي سائين اميرگلَ کي ھڪ سفيد اسٽڪ (لڪڙي، جا آثارقديمه جا ماھر کڻي ڳولائون ڪندي نظرجندا آھن) کنيون شاھه نود بادشاھه جي پھاڙن وچ ۾ گھمندي ڏسندو آھيان. سائين اميرگل وٽ آثارِقديمه جي ڪابه ڊگري ڪانھي پر ھو ڪنھن به آرڪيالاجسٽ جيان اوھان کي خيرپور جي شادي شھيد جي پھاڙن ۾ رولاڪيون ڪندي نظر ايندو. سائين اميرگل جي ديکا ديکي ھن جي خاندانَ جا پڙھيل لکيل نوجوانَ به سائينَ جي ساٿَ ۾ نظر ايندا آھن . سائين اميرگل جڏھن نوڪريءَ جي ٽوڪري مٿي تان لاٿي ته ھڪ پراڻي گاڏي خريدي ڪري پوري سنڌ جو سير سفر ڪيو ۽ انھن سڀني رولاڪين جي روداد کي يوٽيوب تي پنھنجي ويڊيو بلاگ ۾ محفوظ ڪري رکيو آھي. مون کي ياد آھي ته سائين سکر مان جڏھن به گھران نڪرندو ھو ته ڪال ڪري پڇندو ھو “حبيب، ڪٿي آھين” ۽ مان چوندو ھيم ته سائين گھر آھيان، ته سائين چوندا ھيا، “واھه يار، گھر به ڪا رھڻ جي جاءِ آھي ، نڪري آ ته قاضي صاحبَ جي چانھه پي ٿا اچون.” ۽ اسان قاضي صاحب جي اوتاري تي پھچي ويندا ھياسين، ان اوتاري جي الڳ ئي دنيا آھي، جنھن تي ٻئي ڀيري تفصيلي ليک لکبو، سائين قاضي صاحب سچل سائينَ جي درگاھَه جي فقير ۽ سچل جو رسالو جوڙيندڙ سائين علي اڪبر درازيءَ جا وڏا فرزند آھن ۽ روھڙي سان مون کي اگر ٿورو گھڻو پيار آھي ته اھو سائين قاضي صاحب جي ڪري آھي نه ته سائين ادل سومري جي ھڪ وائيءَ جي بند چواڻي “ روھڙي سوڙھي آ، تون دل سوڙھي نه ڪر” .. يا ھي شعر ته “ سوڙھي گھٽي سِڪَ جي، ۽ ٻئي گنھگارَ، پئجي ويا ڀاڪرين.”

سائين امير گل جون شاھنود بادشاھه جي آس پاس جي ٽڪرين ۾ ڳولا واريون رولاڪيون ڪمالَ جون آھن ، مان جيئن ئي سائينءَ جي يوٽيوب چئنل تي وڃان ٿو ته سائين ٽڪرين تي وڃڻ واري ڪھاڻي نيريٽ ڪري رھيا آھن، سائين جي ھڪ نيريشن جو ٽڪرو ھتي ڏئي رھيو آھيان، اوھان به سائينءَ جون رولاڪيون انجواءِ ڪيو.

“جڏھن اسان ٽڪرين ۾ داخل ٿياسين،رستي ۾ ”ڪٽوهر ٽڪري“ نظر آئي ۽ مون پنهنجي همسفرن کي ان ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو هو ته مان ۽ يوسف ڪٽوهر ان تي هائيڪنگ (چڙهائي) ڪري چڪا آهيون. ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هڪ هوادار گول محرابي در ٺهيل آهي ۽ ان تي چڙهي جڏهن ماڻهو چئني پاسي ڏسندو آهي ته هرطرف خوبصورت نظارا نظر ايندا آهن. هن دفعي مون ”ڪٽوهر ٽڪري“ طرف گاڏي موڙڻ بدران سڌ ۾ سفر جاري رکيو هو. ٿوري جھٽ بعد مون گاڏيءَ کي ان خوبصورت واديءَ ۾ بريڪ هنيو جنهن جي چوطرف جيڪي پهاڙي چوٽيون آهن، اهي انتهائي خوبصورت ۽ پرڪشش آهن. هر ٽڪري منفرد آهي. ڪنهن کي ڏسو ته ان جي مٿان جهڙوڪر ڪو وڏو ڊريگن ستو پيو آهي، ڪٿي ايئن لڳندو ته جهڙوڪر ڪنهن وڏي ديوتا جي وڏي مورتي جوڙيل آهي، هڪ ٽڪري مصر جي احرامن جهڙي آهي، ڪنهن جي مٿان وري ڪنهن وڏي ڪُميءَ جي شڪل نظر ايندي. هڪ ٻي ٽڪري آهي جنهن کي پري کان ڏسبو ته اها توپ جي شڪل واري لڳندي آهي جنهن تي پڻ مان چڙهائي ڪري چڪو آهيان. هڪ جبل جي چوٽي تي وري ڪو وڏو مور پکي ويٺل نظر ايندو آهي. چئني پاسي اهي جبل آهن ۽ وچ ۾ وسيع علائقي ۾ ماٿري پکڙيل آهي. مون هن واديءَ کي ”گل ماٿري“ جو نالو ڏنو هو، جتي هر پاسي اکين کي آَسييس ڏيندڙ جبلن جون ٽڪريون لکين صدين کان ڳاٽ اوچو ڪيون فخر سان بيٺيون آهن. ڪاش ڪو وس وارو، دل وارو، وطن سان محبت ڪرڻ وارو هنن جاين تي ڪي سهولتون مهيا ڪري انهن علائقن کي سير سفر ڪرڻ وارين سيلانين لاءِ ڪشش پيدا ڪري ته جيڪر هتي رهندڙ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا ڪيئي موقعا پيدا ٿي پون ۽ هي تاريخي اهميت رکندڙ پهاڙي ٽڪريون جاهل، ڄٽ، پئسي جي پوڄاري پٿر مافيا جي قهري هٿوڙن، بم بارود جي ڌماڪن کان به محفوظ رهن ۽ سڄي دنيا ۾ اسان جي ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جو هڪ بي مثال اهڃاڻ بڻجي پون. في الحال ته اهي خيال اهي سوچون، اهي رٿائون هڪ ديواني جا خواب ٿا نظر اچن پر مستقبل کي ڪير ڏسي آيو آهي ٿي سگھي ٿو ته ڪڏهن اهي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ لڌل خواب حقيقت جو روپ به وٺي وڃن. ها اها ڳالهه سو ضرور آهي ته هن وقت اهڙو ڪو به ڪونه ٿو سُجهي جنهن جو ويزن ڪو ايترو وسيع ۽ عظيم هجي، اڄ ڪالهه ته بس هنجن جون جايون ڪوڙن ڪانئرن وڃي هٿ ڪيون آهن جيڪي ذاتي ٽُڪر ڳَڀي جي لالچ تي سڀ ڪجھه لُٽائڻ، صدين جي تاريخ ميسارڻ جي ڪنهن به ڪُڌي ڪم ڪرڻ لاءِ هروقت تيار نظر ٿا اچن. ڪاش ڪڏهن ته منهنجي ڌرتي جي تاريخي اهميت اجاگر ٿئي ڪڏهن ته هن ڌرتي جي ان حقيقت کي دنيا وارا سمجھن ته هي جبل، ماٿريون، ماڳ مڪان آهن جتان ئي هن ڌرتي جي ڪروڙين سال اڳ ارتقا وارو عمل شروع ٿيو هو. هي ئي اهي جبل آهن جتي لکين صديون اڳ انسانن پنهنجي تلخ تجربن سان عقل ۽ فهم سکڻ شروع ڪيو هو. انهن باهه ٻارڻ، شڪار ڪرڻ، پٿر جا هٿيار ۽ اوزار جوڙڻ وارو فن ايجاد ڪيو هو جنهن جي ڪري پوري دنيا اندر هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي هئي ۽ انساني سماج وڏيون ٻرانگهون ڀري سماجي ترقي جا ڏاڪا چڙهيو هو.

مون کي ذاتي طرح روهڙي-ڪوٽ ڏجي پهاڙي سلسلي ۾ شاهنودي بادشاهه ۽ علي علمدار جي وچ واري اها جاءِ ۽ ان ماٿري وارا نظارا ڏاڍو موهيندڙ لڳندا آهن. اڄ به انهن جي ڪشش مون کي اتي گھلي آئي هئي. اسان سڀئي جڏهن اتي پهتاسين ته ان وقت آسمان جي وسعتن ۾ سج سان لڪ ڇپ راند ڪرڻ واريون ڪڪريون ڪڏهن جو تتر بتر ٿي چڪيون هيون ۽ آسمان تي مڪمل نموني سج جي حڪمراني قائم ٿي چڪي هئي. اسان جي گروپ ۾ شامل هر هڪ ٽڪرين جي سونهن کي پسڻ مگن ٿي ويا ۽ ايئن پئي لڳو ته کين آس پاس جي خبر ئي نه رهي هئي کين ته هاڻ اهو هوش به نه هو ته گرمي پڌ وڌي چڪو آهي.  سيف علي، سجاد گل، گل بهار پنهنجي موبائيل ڪيمرائن ۾ ان وادي جي موهيندڙ سونهن کي ڪيپچر ڪرڻ لڳا. مون کين صلاح ڪئي ته ”ڇونه ٿورو ويجھو ٿي ڪري انهن پهاڙين کي پسجي“. سڀني هڪدم منهنجي ان ڳالهه جي تائيد ڪئي ۽ اسان جا قدم ويجهي پهاڙي ڏانهن کڄڻ لڳا. اسان گاڏي مان پاڻيءَ جون بوتلون ڪڍي جيئن ئي سفر جي شروعات ڪئي ته سجاد گل چيو ”بابا ڇونه ڪار کي به ان پاسي ڪاهي هلون ڇوته زمين پڪي پٿراڻي آهي؟“. سندس صلاح بلڪل معقول هئي، مون گاڏيءَ جي چاٻي سندس حوالي ڪندي  چيو ”تنهنجي صلاح سٺي آهي اسان پنڌ هلون ٿا تون ڪار کي جبل جي دامن تائين ڪاهي اچ“. هن قسم جي پهاڙي سلسلن جي سير ۾ مون سان گڏ منهنجو پيارو پوٽو سيف علي ڪٽوهر ڪيترائي دفعا ساٿ ڏئي چڪو آهي پر باقي سيف علي جو والد گل بهار، پڦاٽ فيض علي ڪٽوهر، منهنجو ننڍو پٽ سجاد گل جن جو هي پهريون سفر هو ۽ اهي ان مان دلي حظ حاصل ڪري رهيا هيا. خاص ڪري فيض علي ڪٽوهر ڏاڍو متاثر پئي لڳو سندس بار بار اهو چوڻ ته ”يار هت ته هرهڪ پٿر منفرد آهي، سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙو کڻان ۽ ڪهڙي کي اتي رهڻ ڏيان.(هلندڙ)