سنڌ جو آدرشي اديب تنوير عباسي

0
300
سنڌ جو آدرشي اديب تنوير عباسي

 تنوير عباسي  اصل نالو نور نبي 07 ڊسمبر، 1934ع تي گل حسن جي گهر ضلعي خيرپور جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم ڪراچي ۽ ايم بي بي ايس ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1960ع ۾ ڪيائين ۽ مستقل رهائش خيرپور ۾ رهيس، پنهنجي “سنڌ اسپتال” هلائيندڙ هو، سنڌي ادب جي هن ناليواري شاعر جي سڃاڻپ ته شاعر طور آهي پر سندس خدمتون سنڌي نثر ۾ پڻ لاجواب آهن. هن مترجم، محقق، سفرنامانگار ۽ ناول نگار طور ڪم ڪيو آهي، سندس نثر توڙي نظم بي حد معياري ۽ شانائتو آهي، تنوير عباسيءَ جا گهڻا ڪتاب يونيورسٽين جي هائر ڪلاسن ۾ ۽ چِٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي مقرر نصاب ۾ شامل آهن اڄ تائين سندس نثري ڪتابن جو مڪمل تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ڪنهن به محقق پيش نه ڪيو آهي.ڊاڪٽر تنوير جي شعري مجموعن ۾ “رڳون ٿيون رباب” (1958ع)، “شعر” (1970ع)، “سِج تِريءَ هيٺان” (1977ع)، “هيءَ ڌرتي” (1981ع) ۽ “ساڄن سونهن سرت” شايع ٿيل آهن جيڪي هڪ گڏيل مجموعي “تنوير چئي” ڪتاب ۾ 1989ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇاپيا آهن. ٻين ڪتابن ۾ “ٻاراڻا ٻول” 1973ع، “جديد سنڌي شاعري” (1981ع)، “شاهه لطيف جي شاعري” پهريون جلد (1976ع) ٻيو جلد (1985ع) ۽ ٽيون ڇاپو، “شاهه لطيف جي شاعري” (گڏيل ٻئي ڇاپا، 1989ع)، “نانڪ يوسف جو ڪلام” 1982ع، “خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام” (1983ع)، “ڏوري ڏوري ڏيهه” (سفر نامو) 1983ع، “جي ماريا نه موت” (ناول ترجمو 1973)، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي سرمست جا 9 جلد سهڙيل (1982ع کان 1989ع) ۽ “ترورا” (1988ع)، “شاهه جو رسالو” (اردو)، “مون کي اڳتي وڃڻو آهي” (سفر نامو)، “منهن تنين مشعل” (خاڪا)، “سچل سرمست” (انگريزي) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. تنوير عباسيءَ کي سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو ان کان سواءِ فارسي هندي ۽ فرينچ ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو، سندس شاعري پنجابي، اردو، انگريزي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، هن جي شاعريءَ کي ڪيترن شاعرن ڳايو آهي. هن آدرشي شاعر کي سنڌ واسين مانِ ڏنو آهي هو سندن محبوب شاعر آهي ڊاڪٽر عباسيءَ سنڌ جي هر ڏکئي وقت ۾ پنهنجي شاعريءَ سان پڙهندڙن ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي چاهي ون يونٽ  هجي يا 4 مارچ جو واقعو هجي يا ڪو ٻيو ڏک ڀريو واقعو هن پنهنجو قلم احساسن سان اوتيو آهي چوي ٿو ته،

سنڌڙي منهنجا، ساراڳوڙها تنهنجا آهن،

منهنجون دانهون منهنجون آهون تنهنجون آهن،

منهنجا ساز ۽ منهنجا نغما تنهنجا آهن

منهنجو ماڳ به تون ئي، منهنجو ڀاڳ به تون ئي.

تنوير جي شاعريءَ ۾ حب الوطني، قوميت، سنڌيت ۽ سماجي مسئلن سان گڏ رومانس کي وڏي اهميت آهي. ان ڪري کيس سنڌي شاعريءَ جو فطرت پسند شاعر، رومانوي شاعر ۽ سنڌ جو ورڊس ورٿ سڏيو ويو آهي، هن ڪيترائي غزل، نظم، آزاد نظم، گيت، هائيڪا، وايون ۽ دوها لکيا آهن. هائيڪو ۾ تنوير جو ڪم ملهائتو آهي ته غزل کي سهڻائيءَ سان نڀايو اٿس جنهن ۾ تنوير جي الڳ رنگ ڍنگ واري سڃاڻپ آهي، شاعريءَ ۾ 1955ع کان لکيائين شاعريءَ جي محفلن جو روح روان هوندو هو. کيس استاد طور شيخ ابراهيم خليل جهڙي قادر الڪلام شاعر جو ساٿ مليو جنهن سان سندس ڪلام ۾ نواڻ آئي گڏوگڏ هو تعليم يافته، مشاهدي ۽ مطالعي وارو اديب ۽ شاعر هو سندس گهر ۾ وڏي لائبريري هئي ۽ کيس ڏيهي، پرڏيهي ادب پڙهڻ جو جنون جي حدتائين شوق هو (جنهن جي پروڙ سندس نثري ڪتابن ۾ آيل حوالن مان پوي ٿي) هو پاڻ لکي ٿو ته، “پنهنجي ٿوريءَ عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين اڳيان ٿي گذريا آهن جيڪي ڪجهه منهنجي احساسن کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، ان کي اهڙيءَ ريت لکيو اٿم جيئن ٻين جي دل ۾ پڻ اهڙا احساس اٿن ۽ اهڙا ئي جذبا جاڳن جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾ ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو”.

نصير مرزا سندس نظمن کي ڪلاسيڪل ڪهاڻين جي آڌر تي لکيل ساهتڪ رچنائون سڏيو آهي، مرزا موجب ته تنوير جي غزل ۾ خيال جي تازگي، پر ڪشش نغمگي، داخلي غنائيت ۽ پاتال جهڙي گهرائي موجود آهي”.

“رڳون ٿيون رباب”، سندس پهريون شاعريءَ جو مجموعو آهي، جو پهرين مارچ 1958ع تي مقبول ڀٽي ڇپايو ۽ ان کان پوءِ آگم پبليشنگ 1979ع ۾ ۽ پوءِ پڻ ڇپيو آهي، هن وقت “تنوير چئي”، جي گڏيل ڪتاب ۾ شامل آهي هن ڪتاب ۾ گيت 18 نظم 20 ۽ غزل 44 شامل آهن گهڻي ڀاڱي غزل آهن جن کي تنوير چواڻيءَ ته، “هن انهن غزلن کي نئين اسلوب سان لکيو آهي جنهن ۾ پراڻو فارسيءَ جو لهجو ۽ موسقيت اوپرا ڄاڻندي هن غزل ۾ پنهنجو سنڌي لهجو ۽ موسقيت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي”، هاڻي مثال طور ڏسنداسين ته چند شعرن مان اندازو ٿي ويندو.

جنهن نه لڪن ۾ لوڏا کاڌا،

تنهن به پنهل سان پيچ نه پاتو.

اوهان ٿا ڪهو جن کي ابتي ڇريءَ سان،

اهي ڪجهه ته لڇندا اهي ڪجهه ته ڪڇندا.

نياز همايوني سندس شاعريءَ کي ذاتي طبع جو ميلاپ سڏيندي لکيو آهي ته، “مان هن يار جي خوشين ڀري زندگي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هي شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي پرستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀ ڪجهه ان ڏات جو ڦل آهي جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي، جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي خوشي تصور ڪئي ويندي آهي”.

تنوير جو ٻيو شعري مجموعو “شعر” (1959ع کان 1970ع) جي دور جو لکيل آهي جو سنڌو ڪتاب گهر سکر اپريل 1970ع ۾ شايع ڪيو ۽ جنهن جو انتساب سندس گهر واري قمر تنوير جي نانءُ آهي 133 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 90 نظم ۽ گيت آهن. “هر ڪو ماڻهو موتي داڻو آ”، کان شروعات ٿيل آهي ان کان سواءِ ڪيڏارو (داستان پهريون) “ٻاهر گل گلاب جا”، “من تن جو فولاد” ۽ ڪيڏارو داستان ٻيو ۽ ڪجهه شاعري (ترجمو) شامل آهي.

”سج تريءَ هيٺان” 1971ع کان 1977ع تائين جي سرجيل شاعري آهي جنهن جو پهريون ڇاپو 1977ع ۾ نذر سنز پبليشرز حيدرآباد شايع ڪيو هن مجموعي ۾ 83 موضوعن تي مختلف صنفن جي شاعريءَ سان گڏ شيخ عبدالرزاق جي شهادت جو ڪيڏارو (داستان چوٿون) ڏنل آهي، جنهن جي خون کي لئه مٽي ڪيو ويو هو.

امداد حُسيني هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته “تنوير جي شاعريءَ ۾ سر ۽ معنيٰ هڪٻئي ۾ لين ٿين ٿا، لوڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي گهري اڀياس ڪلاجي بنيادي ڪاريه سان سچي رهڻ ۽ تجربي جي لڳاتار جوکم کڻڻ سان ئي اهو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهجي ٿو هو انساني عظمت جو شاعر آهي هن جي اندر ۾ انسان ذات لاءِ چاهه جوا ٿاهه ساگر آهي”.

“هيءَ ڌرتي” ڪتاب (1977ع کان 1985ع) جي دور جو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو 1985ع جي مارچ ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت شايع ڪيو. ڪتاب جو انتساب موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش جي نالي آهي، هن ڪتاب ۾ ڪيڏارو (داستان پنجون) شامل آهي ۽ ڪجهه فرينچ شاعريءَ جا ترجما پڻ آهن.

”هيءَ ڌرتيءَ کان پوءِ” جي عنوان سان سندس شاعري 1985ع کان 1988ع تائين جي وقت جي آهي جنهن ۾ پڻ هائيڪو، ڪيڏارو، نظم ۽ آزاد نظم ڏنل آهن جن جو ڳاڻيٽو 31 تائين آهي. مٿيان سڀ مجموعا “تنوير چئي” جي عنوان سان 536 صفحن جي ڪتاب ۾ گڏي ڏنا ويا آهن ۽ هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ شايع ڪيو آهي ۽ “تنوير چئي” ڪتاب هائر ڪلاسن ۾ نصاب طور مقرر پڻ آهي، تنوير عباسيءَ جي شاعري ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ هميشه اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهندي هئي هو هڪ ڪامياب شاعر هو، سندس تخليقي سفر تقريبن چاليهارو سالن تي محيط رهيو ۽ اڃان به سندس شاعري اڻ ڇپيل موجود آهي، شيخ اياز کان پوءِ هي سنڌ جو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن نوجوان نسل جي دلين تي پنهنجي فن معرفت راڄ ڪيو، ترقي پسند هن اديب ۽ شاعر جون خدمتون مڃتا لائق آهن. هن سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون اسلوب ڏنو ۽ پنهنجي فن ۾ مختلف صنفن معرفت نوان موضوع ۽ نوان تجربا روشناس ڪرايا آهن هو انسانيت ۽ خاص طور سچائين ۽ احساسن جو قلمڪار آهي.

پنهنجي شاعري ۽ تحقيق تي هن ڏيهه توڙي پر ڏيهه مان اعزاز ماڻيا جن ۾ پاڪستان رائيٽرز گلڊ، سنڌالاجي ايوارڊ، نارائڻ شيام ايوارڊ ۽ پاڪستان جي حڪومت طرفان سول ايوارڊ شامل آهن هو ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن ۽ تنظيمن سان وابسته رهيو جن ۾ سنڌي ادبي سنگت، پاڪستان رائيٽرز گلڊ، ميمبر دي پوئٽري سوسائٽي لنڊن، ميمبر ائڊ وائيزري بورڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڊائريڪٽر سچل چيئر شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي گورننگ باڊيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ ٻيا ادارا آهن سچل چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ هن ڪانفرنسون ڪوٺايون جن ۾ پڙهيل مقالن جا ڪتاب ڇپرايا اهو سندس هڪ وڏو ڪارنامو آهي.ڊاڪٽر تنوير عباسي شخصي طور نهٺو، ملنسار ۽ قربائتو شخص هو، سندس حلقهءِ احباب وسيع هو ۽ پوري دنيا گهميل هو آسودو ماڻهو هو پر منجهس وڏي تواضع ۽ نهٺائي هئي. هن آمريڪا انگلينڊ ڀارت، فرانس، اٽلي، هالينڊ، متحده عرب امارات ۽ ٻيا ڪيترا ئي ملڪ گهميا ۽ انهن سفرن جا احوال لکيا جن کي پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هن نثر ۾ پڻ نغمگي اوتي آهي، سندس وفات اسلام آباد ۾ پنهنجي پٽ سرمد جي گهر ۾ 25 نومبر 1999ع تي ٿي ۽ کيس جي-8، اسلام آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي، هن جو نثر تو ڻي نظم سنڌي ادب ۾ هڪ لازوال حيثيت رکي ٿو.