ھڪ جپسي ڪالم … سکر ـ روھڙي وايه بئراج

0
153
ھڪ جپسي ڪالم ... سکر ـ روھڙي وايه بئراج

 “وقت ۽ ويرَ جيان ٽرين به ڪنھن جي لاءِ ڪونه بيھندي آھي” … ھڪ چوڻي.

اسان جي دل لڀائيندڙ ھن دنيا ۾ کوڙين شھر اھڙا به آھن جيڪي ٻن مختلف دنيائين جيان موجود آھن جيئن ترڪيءَ جو استنبول شھر جيڪو اڌ اسان جي ايشيا ۾ آھي ته اڌ وري يورپ ۾ آھي، ايئن ئي پنھنجي ڪئمپس لائيف ۾اسٽيٽسٽڪس جي پروفيسر سائين اسحاق انصاريءَ کان چيڪ ۽ سلواڪ ملڪن جون ڳالھيون ٻڌي اسان به پاڻ کي ڄڻ موراويا نديءَ جي ڪناري ڪناري واڪ ڪندي محسوس ڪندا ھياسين، مٿان وري سائين اسحاق جي باڊي لينگئيج  سان سجايل ڪمال اسٽوري ٽيلنگ جي صلاحيت ۽ تڙڪي ۾ رکي رکي ڪجھ ڇڙواڳ ٽھڪَ، اسان ڄٽَ ٻروچ ڄڻ ڪنھن اور ئي دنيا ۾ پھچي ويندا ھياسين. سائين اسحاق انصاريءَ جي لاءِ ريڊيو پاڪستان خيرپور جا دوست ٻڌائيندا ھيا ته سائين ريڊيوتي ھڪ پروگرام ڪندا ھيا جنھن جو پروڊيوسر سائين مختيار ملڪ ھوندو ھيو ۽ پاڻ ان پروگرام جا ميزبان ھوندا ھيا. ان پروگرام ۾ سامعين جا خطَ ۽ فون ڪاليون به اينديون ھيون ۽ سائين اسحاق جواب ڏيندي ڏيندي وچ ۾ اوچتو ٽھڪَ ڏيڻ لڳندا ھيا ته ڏور پري جي ڳوٺن ۾ ريڊيو ٻڌندڙ سنڌياڻين جي چُلھين تي رکيل مانيون سڙي وينديون ھيون. سائين اسحاق تي ھڪ ڪتاب لکڻ جو ھميشه مَن ڪندو آھي پر ڪمبخت وقت ئي ته ڪونه ٿو ملي.. ھن ڪالم لکڻ لاءِ به مون کي صبح ويلي آفيس جو وقت ڪرٽيل ڪرڻو پئجي ويندو آھي ۽ مان اٺين بجاءِ ڏھين وڳي آفيس پھچي پنھنجي باس ريلوي آفيسر اڳيان پاڻ کي وضاحتون ڏيندي ڏسندو آھيان. ايئن ئي اسان جي دل جي ويجھو ٻه شھرَ ھڪ ٻئي جي آڏو آڏو ھڪ ٻئي ڏانھن نھاريندي محسوس ٿيندا آھن. سکر ۽ ان جي سسٽر سٽي “روھڙي” جنھن کي اسان بيدل، بيڪس، ابوالقاسم نمڪين، امرجليل، مختيار قاضي، سائين علي حسن قاضي ۽ اختر درگاھيءَ جو شھر به چوندا آھيون .. ٻنھي شھرن جي وچ ۾ سنڌو درياء وھي ٿو جنھن کي تاريخ دانن ھميشه مائٽي ريور يعني شير درياء لکيو آھي، مگر ھاڻ اپرپاسي جي صوبن اسان جي ٽن ملڪن مان ڪھي ايندڙ انھيءَ سنڌو نديءَ کي سنگھرن ۾ جڪڙي قيد ڪري ڇڏيو آھي، کوڙين معاھدا ۽ جام ساتريون ٽريٽيون ٿيل آھن مگر اوھان جو وڏو ڀاء جيڪڏھن آمريت پسند به ھجي ته ڪٿي ٿو اسان سنڌين جي ڳالھ ٻڌي. مون کي ياد آھي، جڏھن اسان ڪجھ سنڌي 1990 ڌاري ريلوي جي ٽريننگ تي لاھور جي ريلوي اڪيڊمي والٽن ويا ھياسين ته اتي اسان سنڌي بنھ ٿورائيء ۾ ھياسين، روز اسان جو ڪونه ڪو پنجابي ڀاء سنڌين جي ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ انڪار تي اسان سنڌين تي سدائين ڏمريل ھوندا ھيا. ھڪ ڀيري ھڪ نيٽ ڪيفي تي ته مون سان ڪجھ پنجابي نوجون ھٿين پئجي ويا ھيا ۽ مان ذري گھٽ انھن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائي رھيو ھيس مگر وچ ۾ ڪي سٺا ماڻھو به اچي ويا جن سڀن کي سمجھايو ته سياست اسان کي ويڙھائي رھي آھي پوءِ ڀلي اھا ضياءالحق جي ھجي يا ڀٽي جي ھجي، پنجاپ جي خوشنوديءَ کان سواءِ ھُو ڪک به ٻيڻو ڪري ڀڃي نه ٿا سگھن. پنجاب واسين ۾ ھيءَ ڳالھ روزيءَ ڀري وئي آھي ته درياء پنجاب جو آھي ۽ نالو وري سنڌو درياء رکيو اٿن . کين تاريخي شعور بس ايترو ئي ھوندو آھي جيترو ڪنھن اوکيءَ ويل ڪم اچي، مان لاھور ۾ پنج مھينا ٽريننگ دوران اھو به ڏٺو ته انھن ۾ معاشرتي شعور به بس ايترو ئي ھوندو آھي جيتري جي گھرج ھجي، نه ھيٺ نه مٿي، جيڪڏھن مون کي آر اي بازار وڃڻو ھوندو ھو ۽ مان ڪنھن کان ڏس پتو پڇندو ھيس ته ايئن سمجھائيندا ھيا ڄڻ مون کي انارڪليءَ جي باراز پھچڻو آھي. رڪشا به اگرڪرائڻي پوندي ھئي ته اھو رڪشا وارو ان علائقي ۾ ئي پنج کن خالي چڪر ھڻائي ميٽر جي معرفت چڱو سارو ذاتي ناڻو ٻھاري ويندو ھيو.

مون کي ياد آھي، والٽن جي ريلوي اڪيڊمي انگريزن اھڙي ته سھڻي ٺاھي ھئي ۽ ان کي ايڏو ته سرسبز بڻائي ڇڏيو ھو جو اتي پھچي اسان ڄڻ ڪنھن اور ئي جھان ۾ پھچي ويندا ھياسي. اڪيڊميءَ جي گيٽ تي ئي ايڊمن بلاڪ ھوندو آھي جنھن جي پاسي ۾ انگريزن جي دئور جي اسٽيم انجڻ بيھاريل آھي، جيڪا ڪوئلي تي ھلندي ھئي، ان ۾ ھڪ ڊرائيور ھوندو ھو ۽ ھڪ ھن جو اسسٽنٽ ھوندو ھو، جنھن جو ڪم انجڻ ۾ بيلچن سان ڪوئلو وجھڻ ھوندو ھو، ان جي ئي ڪري ھن کي اسان جا پراڻا ريلوائي اڄ به فائرمين ڪري سڏيندا آھن، حالانڪه ھاڻ اھا پوسٽ اپ گريڊ ڪري اسسٽنٽ ڊرائيور ٿي وئي آھي پر اڄ به ٽرين ورڪنگ دوران اھو اسسٽنٽ ڊرائيور پنھنجي ۽ پنھنجي ڊرائيور لاء انجڻ جي بجليءَ تي ھيٽر ھلائي ان تي چانھ ٺاھيندو آھي ۽ ماني به گرم ڪندو آھي، صدين کان اھا انھن جي ڊيوٽي ھوندي آھي مگر اھا سھولت قانون ۾ ڏنل ناھي ۽ انھن ھيٽرن جي ڪري انجڻ ۾ باھ لڳڻ جو ھر وقت خطرو ھوندو آھي ۽ ٻيو ته ھاڻ لڳ ڀڳ سموريون انجڻيون ائيرڪنڊيشنڊ ڪيون ويون آھن ان ۾ ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ٿڌڪار واري ماحول ۾ ٽرين ورڪنگ ڪندا آھن پر ايئن به ٿيندو آھي جو ان ٿڌڪار جي ڪري ڪڏھن ڊرائيور يا ڪڏھن ھن جي اسسٽنٽ ڊرائيور کي ننڊ به کڻي ويندي آھي ۽ انھن کي جاڳائڻ لاءِ انگريزن ھر انجڻ ۾ ھڪ الارم ھڻي ڇڏيو آھي جنھن کي اڳ ۾ پير سان ري سيٽ ڪرڻو پوندو ھو ۽ ھاڻي ھٿ سان ڪرڻو پوندو آھي، ھر پنجن منٽن بعد اھو الارم پاڻ ھورتو آپريٽ ٿي ويندو آھي، ۽ ڊرائيور کي اھو وري وري ري سيٽ ڪرڻو پوندو آھي، ان سبب جي ڪري ڊرائيور يا ھن جو اسسٽنٽ وڌ ۾ وڌ پنج منٽ ئي ننڊ جا مزا وٺي سگھن ٿا. ٽرين جو اصل انچارج گارڊ ھوندو آھي جنھن کي ھاڻ ٽرين انچارج جي نالي سان ري نيم ڪيو ويو آھي ۽ سينئر گارڊ وري ڪنڊڪٽر گارڊ سڏجي، جنھن جو ڪم مسافرن کي سيٽن ۽ برٿن تي انھن جي ريزرويشن جي حساب سان ويھارڻو ھوندو آھي ۽ گھرج آھر مسافرن کي سيٽون ۽ برٿون به الاٽ ڪرڻيون ھونديون آھن. ٽرين جو سڄو وھنوار انچارج گارڊ ھلائيندو آھي، ٽرين ڊيوٽيءَ تي چڙھڻ کان اڳ ۾ ٽرين جوھر ملازم، آخري ڪوچ جي بريڪ  ۾ ويٺل انچارج گارڊ وٽ اچي ڊيوٽي رپورٽ ڪندو آھي، ۽ ھن کي پنھنجو فون نمبر لکرائي ويندو آھي، رستي ۾ ڪنھن خرابي يا ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ گارڊ انھن کي موو ڪري ڇڏيندو آھي ۽ ائين ٽرين ۾ اھو مسئلو گارڊ انچارج ويٺي ويٺي حل ڪري ڇڏيندو آھي، ان کان علاوھ انچارج گارڊ جي ڊيوٽي اھا به ھوندي آھي ته ھو ٽرين ڊرائيور جي اسپيڊ تي نظر رکي، اگر ڊرائيور ٽرين جي بوڪڊ اسپيڊ کان گھٽ اسپيڊ سان ٽرين ھلائي ٿو ته انچارج گارڊ سڀ کان اڳ ۾ ھن کي وارننگ ڏيندو ته ٽرين جو بوڪڊ اسپيڊ 110 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آھي مگر ھُو ٽرين کي 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڇو ھلائي رھيو آھي، اگر ھُو ان جو ڪو ٽيڪنيڪل سبب ٻڌائي ٿو ته ڊرائيور کان ان فالٽ جي تفصيل وٺي ھُو پنھنجي ٽريفڪ آفيسر کي رپورٽ ڪندو آھي ته روھڙي اسٽيشن تي ٽرين جي انجڻ کي مسترين کان اٽينڊ ڪرايو وڃي،پر جي ڊرائيور پاڻ ئي رفتار گھٽ رکي ھلائي رھيو ھوندو آھي ۽ ان جو ڪو سالڊ سبب نه ھوندو آھي ته انچارج ان ڊرائيور جي رپورٽ ڪري ڇڏيندو آھي ۽ پوءِ ان ڊرائيور کي وضاحت لاءِ ڪنٽرول آفيس گھرايو ويندو آھي ۽ ھن کان لکت ۾ وضاحت گھري ويندي آھي، اگر اھو ڏوھي ثابت ٿيندو آھي ته سزا طور تي ھن جي ھڪ، ٻن يا ٽن سالن جي لاءِ سالياني انڪريمينٽ ختم ڪئي ويندي آھي ۽ ايئن ھُو سينئر ھوندي به پنھنجي ساٿين کان جونيئر ٿي ويندو آھي.