گاج بند نه ٺهڻ سبب ڪاڇي ۾ ٻوڏ جو خطرو موجود !!!

0
68

محمد اسماعيل لانگاھ

 انتظامي لاپرواهي ۽ ڪرپشن جي حوس حڪمرانن ۽ ادارن کي ايترو ته انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي جو انهن کي عام انسانن جي ڪابه پرواه نٿي ٿئي صرف ۽ صرف هو ترقياتي منصوبن کي مال ڪمائڻ جو زريعو بڻائي پنهنجو ته ڪم ڪري وڃن ٿا پر انجي پويان جيڪي خراب نتيجا نڪرن ٿا اهي به صرف غريب عوام ڀوڳي ٿو ذڪر ڪجي ٿو ڪاڇي جي خطرناڪ منصوبي گاج بند جو گاج بند جابلو ندي گاج جي خونخوار وهڪرن کان علائقي جي سوين ڳوٺن ۽ انسان کي بچائڻَ لاء ڏنل آهي ۽ انجي تباهي جو اصل راز ڇا آهي

هي بند گاج ندي جي مين وهڪرن جي سلسلي جيڪي بلوچستان سميت تمام وسيع تر کيرٿر پهاڙي جبلن مان وهي اچي جڏھن ڪاڇي جي حدن ۾ پکڙجي تباهي آڻيندا رهيا آهن انهن وهڪرن کان بچاءُ خاطر گاج بنگلن کان ويندي تاريخي قبرستان مير الهيار خان ٽالپر تائين تقريبن ويھ کان پنجويھ ڪلوميٽر ڊيگھ تي ٻڌل آهي جنهن جي وچ ۾ پڪي ديوار ۽ ٻنهي طرفن کان تارن جي ڄاري سان پٿرن جي پچنگ ٿيل آهي جنهن بند جي مالڪي ۽ جانچ لاء گاج بنگلن تي آبپاشي کاتي کي انگريز سرڪار جي دور کان هڪ عمارت به مليل آهي  جتي ٻارنهن مهينا آبپاشي عملي کي موجود رهڻو هو ۽ خاص طور مون سون برساتن ۾ وڌيڪ الرٽ ۽ دادو هيڊ ڪوارٽر سان براه راست رابطي ۾َ رهڻو پوندو هو ليڪن جڏھن پاڪستان اندر جمهوري دور جا در کليا ان کانپوء نه گاج بند جي مالڪي ٿي نه وري آبپاشي کاتي جي آفيس جي سن 95 ڌاري گاج ندي ۾ آيل ٻوڏ ۾ بند ٽُٽو  وري 2011ع ۾ ٻوڏ دوران هي بند ٽُٽڻَ کانپوء ڪاڇي ۾ تباهي آئي  هن وقت تائين هي موتمار رٿا مڪمل ٿيڻ بجاء سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي لاء روزگار ۽ ملڪيت ٺاھڻ جو ذريعو بڻجي ويو آهي

گذريل سال هن بند جي مرمت لاء وفاقي حڪومت ساڍا چار ارب رپيا فنڊز جاري ڪيا ۽ انتظاميا لاء سخت هدايتون جاري ڪيون ويون ته هن بند کي هنگامي بنيادن تحت مون سون برساتن کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي  ڇو ته هتي صرف اعلان ۽ هدايتون جاري ٿينديون رهيون آهن پر عمل ٿيندي ڪڏھن به نه ڏٺو آهي هن ڀيري جيتري رقم رکي وئي آهي جيتري ڪنسٽرڪشن هئي ان کان چئوڻ تي وڌيڪ رقم رکي وئي آهي پر افسوس جو هيڏي وڏي رقم جي باوجود سئو مان ويھ فيصد رقم خرچ نه ڪئي وئي آهي ۽ ڪم به مڪمل ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ هن منصوبي ڪم جو ٺيڪو سفارش تي سنڌ حڪومت انهن ماڻھن کي ڏنا جيڪي ڪرپشن جا بادشاه آهن اهي خزاني جي گهوٻين ۾ داخل ڪيسن ۾ ملزم قرار ڏنل پر سياسي شفقت سان انهن کي گاج بند جو ٺيڪو ڏنو انهن ماڻھن ساڍا چار ارب رپيا هوا ۾ اُڏائي ڇڏيا آهن

 گاج ڊائيوريشن بند هڪ اهڙو خطرناڪ منصوبو آهي جتي وفاقي حڪومت, سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو هر سال ان جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لکين رپيا ھضم ڪري ٿو, ۽ علائقي جي لکين ماڻهن کي ڪروڙين رپيا نقصانن ۾ وجهي ٿوa ۽ ان جا سبب اهي آهن هي منصوبو سرڪار لاء ڪمائي جو ڄڻ وسيلو بڻجي ويو آهي جو ان کي گاج نئين جي خونخوار وهڪرن جي تباهين کان بچائڻ لاء ڪا به سنجيده جامع منصوبا بندي نه جوڙي وئي آهي, جڏھن به مون سون برساتون شروع ٿين ٿيون ھن بند جي تباهي علائقي واسين لاء وڏيون مصيبتون ۽ مشڪلاتون کڻي اچي ٿي گذريل ٽن سالن کي هي بند ٻوڏن سبب مڪمل طور تباه حالت ۾ پيل آهي، جنهن جي نئين سر مرمت لاء وفاقي حڪومت ساڍا چارارب رپين جي رقم مختص ڪئي ۽ ڪم شروع ڪرايو پر سرڪار جي نااهلي ۽ وڏي پئماني تي ڪم ڪندڙ ڪمپني عملدارن جي ڪرپشن سبب هي خطرناڪ رٿا جو مڪمل ٿيڻَ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي چار ارب رپين جي ٺيڪي مان ڪيترو ڪم ڪيو ويو آهي ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ وفاقي سرڪار، سنڌ سرڪار آبپاشي کاتو، ٺيڪو کڻندڙ ڪمپني تڪ جا چونڊيل نمائنده ڪيترا سنجيده آهن ان جو اندازو هن وقت مڪمل طرح پئجي ويو آهي ته پ  پ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کي هي بند ٺھرائڻو نه پر ساڳي کليل حالت ۾ ڇڏڻو آهي. هن وقت گاج بند جو مرمتي ڪم بلڪل رولڙي جو شڪار ٿي ويو  آهي ڪابه انتظامي دلچسپي نظر نه پئي اچي ۽ سرڪار جي سنجيدگي مان کڻي اندازو لڳائجي ته وقت کان اڳ يعني ايندڙ سانوڻي کان هي رٿا مڪمل ٿي سگهندي هن جي مڪمل نه ٿيڻ سان ڪاڇي جي لکين انسانن جي جانين مال ملڪيتن لاء ڪيترو نقصانده ثابت ٿيندو لڳي ايئن رهيو آهي ڪاڇي کي ايندڙ سال وري به ٻوڏ جي نشاني تي فٽ رکيو ويو آهي گاج بند جو ٺھڻ ڪيترو ضروري آهي ان جو اندازو ڪاڇي ۾ آيل تباهيون انجي نشاندهي ڪن ٿيون روڊ رستا زرعي زمينون گهر مال ملڪيتون پريشانين ۾ ورتل هزارين ماڻھن کي بچائڻ بجاء وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار آبپاشي کاتي جيڪا دشمني ڪاڇي سان رکي آهي اها تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي آهي

 هن بند ٽُٽڻ جي صورت ۾ گذريل اڌ صدي کان علائقي جا سوين ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن شهر ترقي بجاء تباهي طرف ويندي نظر اچي رهيا آهن روڊ رستا, اسڪول اسپتالون تباه برباد لڳيون پيون آهن جنهن جا ڪارڻ گاج بند جي مرمت تي اچي رُڪجن ٿا ۽ آخر ايڏي نااهلي جو مظاهرو ڇو ٿو ڪيو وڃي هن وقت بند جهڙي نموني تباه ٿيل آهي نٿو لڳي ته مختصر عرصي ۾ مرمتي ڪم مڪمل ٿي سگهي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ڪم مڪمل ٿيڻ لاء تمام گهڻو وقت درڪار آهي  ۽ افسوس آ انتظامي نااهلي تي ته هن وقت تائين گاج بند جي تير ڀت جو ڪم جيڪو چار هزار ڦُٽ تائين مڪمل ڪرڻو اهو صرف ٻه سئو کان ٽي سئو ڦُٽ تائين ڪيو ويو آهي جيڪا پيڙھ کان مٿي نه نڪري سگهي آهي ڪم گهڻو آهي بس سرڪار جي لاپرواهين تي ئي حيرت ٿي رهي آهي ته آخر ڪاڇي سان هي دشمني ختم ڪڏھن ٿيندي جيڪا هڪ افسوس زده ڳالھ آهي سو سرڪار جي هن لاپرواهي ۾ امڪاني ٿيندڙ نقصانن جون  ذميواريون آخر ڪنهن تي عائد ڪيون وينديون ٽن ارب رپين جو ڪم ٻه کان ٽي ڪروڙ جو به نٿي سگهيو آهي ديوار جي مڪمل ٿيڻ کانپوء پٿرن جي پچنگ جي بند جو به ڪم ڪرڻو آهي ايڏي وڏي رقم/ڏسو صفحو 2 بقايا 01

 باوجود حڪومت جي نااهلي تي افسوس ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ڪم ڪيو ويو آهي ايندڙ سانوڻي تائين جيڪڏھن ايمرجنسي حالتن ۽ تڙ تڪڙ ڪري مڪمل نه ڪيو ويو ته سانوڻي جي برساتن ۾ گاج نئين جي وهڪرن جي ڪري ٿيل ڪم به برباد ٿي ويندو ۽ ٽي ارب رپيا ضايع ٿي ويندا گاج بند ۾ چار ارب رپين جي رقم ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي ان ۾ گاج بند جو انجنيئر، سرويئر. داروغو ٺيڪيدار، سب انجنيئر ملوث ٻُڌايا پيا وڃن ايتري قدر جو سيمينٽ لوه. سريو، ڪاٻاڙي، مشينري جو تيل به ڪڍي وڪرو ڪيو ويو  ۽ اهو ڪم به گاج بند عملي سرانجام ڏنو ان رقم مان وڏو حصو پ پ حڪومت چونڊيل نمائندن، دادو ضلعي جي ڊي سي  سميت ٻين ڪامورن کي  ڏنو ويو جيڪڏھن ڪرپشن نه ٿئي ها ته گاج بند ڪيترا ڏينهن اڳ ٺهي چُڪو هجي ها سنڌ سرڪار سميت تمام ذميوار اختيارين کان  ڪاڇي علائقي جا لکين  رهواسي اهو سوال پڇڻ حق بجانب سمجهن ٿا ته ڇا گاج بند جي مرمتي ڪم کي سرڪار پنهنجي  ڪمائي جو ذريعو بڻائي رکيو آهي يا اهو مڪمل به ڪيو ويندو هاڻي تي گاج بند جو مڪمل ٿيڻ ناممڪن ٿي ويو آهي سانوڻي شروع ٿي چُڪي آهي بند تي جيڪا چار ارب رپيا رقم خرچ ڪئي وئي آهي بلڪل اها پڪ ٿي وئي آهي ته بند تي خرچ ٿيل چار ارب رپيا ته ڪنهن ڪم جا نه رهندا پر ڪاڇو هيل به وري ٻُڏندو اڳئين سال جا سور تڪليفون ماڻھن کان وسريون ئي نه هيون ته وري سانوڻي جي موسم اچي سر تي پهتي  آهي  ڪاڇي جي عوام سان ٿيل هن سڄي ظلم جي ذميواري ڪنهن تي عائد ڪجي وفاقي حڪومت، يا سنڌ حڪومت کي يا انهن ڪرپٽ گاج بند جو ڪم ڪندڙ عملي کي هاڻي ته وقت هٿن مان نڪري ويو جيڪڏھن هن سال به اڳئين سال جيان گاج ندي جي ساڳي گجگوڙ رهي ته هي بند حڪومت ورهين تائين مڪمل نه ڪري سگهندي ڪاڇو تباهين جي ور چڙھيل ئي رهندو حڪومت ڪمائيندي ۽ ھتان جا لکين ماڻھن لوڙيندا