محرم راز … پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست

0
94
محرم راز ... پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست

  پاڪستان جي سياست ۾ کاٻي ڌر جون سياسي جماعتون ۽ گروهن جو ڪردار نه هجڻ جي برابر آهي. ساڄي ڌر جي سياسي جماعتن جي سياست تي گرفت مضبوط ٿي چڪي آهي، جن جو هر عمل بالادست ۽ استحصالي طبقن کي وڌيڪ طاقتور بڻائي رهيو آهي. پيڙهيل طبقن جي ڳالهه ڪندڙ ڪابه سياسي جماعت عوام جي حمايت کان محروم آهي، ان ڪري اها غير موثر آهي. اها صورتحال پاڪستان ۽ پاڪستاني سماج کي ڪيڏانهن وٺي ويندي، ان جو ڪوبه اندازو نه پيو لڳائي.

هونئن ته ٽين دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ کاٻي ڌر جون سياسي قوتون تمام گهڻيون ڪمزور ٿي چڪيون آهن پر پاڪستان جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ آهي. پاڪستان ۾ ساڄي ڌر جون انتها پسند قوتون تمام گهڻيون مضبوط ٿي چڪيون آهن. ووٽ بينڪ ذريعي اقتدار ۾ آندل ٻه وڏيون سياسي جماعتون پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شڪل ۾ آهن. مسلم ليگ (ن) ساڄي ڌر جي سياسي جماعت آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي نج کاٻي ڌر جي جماعت ناهي، ان کي سينٽر ليفٽ ۽ سوشل ڊيموڪريٽ پارٽي چئي سگهجي ٿو. انهن ٻنهي جي مقابلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اتساهيو ويو، جيڪا انتهائي ساڄي ڌر جي سياسي جماعت آهي. کاٻي ڌر جون جيڪي سياسي جماعتون اليڪشني سياست ڪنديون هيون، انهن مان عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) ۽ مير غوث بخش بزنجي جي نيشنل پارٽي به پهرين وانگر موثر ناهن رهيون. انهن جي مقابلي ۾ مذهبي جماعتون وڌيڪ موثر آهن. توڻي جو ووٽ جي ذريعي اڃان تائين اهي اقتدار ۾ ناهن آيون پر انهن جو ووٽ بينڪ کاٻي ڌر جي سياسي جماعتن کان وڌيڪ آهي ۽ انهن وٽ ايترو اسٽريٽ پاور آهي جو اهي جڏهن چاهين، سڄي ملڪ کي بند ڪري سگهن ٿيون. انهن جو ريمورٽ ڪنٽرول پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ وٽ آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياسي قوتن جو ڪردار ڇو ختم ٿيو؟ ٽين دنيا جي باقي ملڪن ۾ کاٻي ڌر جي سياسي قوتن جو ڪردار ڪنهن نه ڪنهن حد تائين موجود آهي. سرد جنگ جي خاتمي ۽ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ توڙي جو سڄي دنيا ۾ کاٻي ڌر جون سياسي قوتون ڪمزور ٿيون آهن پر مڪمل طور تي ختم ناهن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياسي اثر اندازي جي مڪمل طور تي ختم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ۽ ساڄي ڌر جون سياسي قوتون فيصلائي حيثيت اختيار ڪري رهيون آهن. ان خطرناڪ صورتحال جا سبب عالمي نه پر ديسي آهن، انهن جي لاءِ ننڍي کنڊ پاڪ هند جي تاريخ جو مختصر جائزو وٺڻو پوندو.

روسي انقلاب کانپوءِ ننڍي کنڊ ۾ سرد جنگ جي خاتمي ۽ سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ توڙي جو سڄي دنيا ۾ کاٻي ڌر جون قوتون ڪمزور ٿيون آهن پر اهي مڪمل طور تي ختم ناهن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان جي سياست تي کاٻي ڌر جي اثر اندازي مڪمل طور تي ختم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. هونئن به پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست جون دعويدار قوتون اڳ ۾ ئي گهڻي حد تائين غير موثر ٿي چڪيون آهن. بورجوه جمهوري انقلاب ته نه آيو البته پاڪستان ۾ ساڄي ڌر جون قوتون فيصلائتي حيثيت اختيار ڪري رهيون آهن. انهن جا سبب “عالمي” کان وڌيڪ “ديسي” آهن. هن مختصر ڪالم ۾ انهن سببن جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

روسي انقلاب کانپوءِ ننڍي کنڊ ۾ پڻ ترقي پسند سوچ تيزيءَ سان پکڙڻ لڳي هئي ۽ ان هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي. 1920ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا قائم ٿي هئي. برطانوي بيٺڪي حڪمرانن ننڍي کنڊ ۾ ان کي هڪ وڏو خطرو قرار ڏنو ۽ ترقي پسند تحريڪ کي 1920ع واري ڏهاڪي ۾ ئي چٿڻ شروع ڪري ڇڏيو. پشاور سازش ڪيس ۽ ڪانبالشويڪ ڪيس قائم ڪري ترقي پسند ڪارڪنن ۽ رهنمائن کي جيل ۾ وڌو ويو. پر ترقي پسند سوچ ۽ انقلابي تحريڪن کي مڪمل طور تي اهي ختم ڪري نه سگهيا. الميو اهو ٿيو ته ترقي پسند اڳواڻن معروضي حالتن جو درست تجزيو نه ڪيو ۽ انهن هر معاملي ۾ صرف سوويت يونين ڏانهن واجهايو. گڏيل هندستان جي ترقي پسند سياسي جماعتون عوامي بغاوتن ۽ تحريڪن کان پري رهيون. اتان ئي اهي پٽڙي تان لهي ويون ۽ وقت سان گڏوگڏ عوامي سياسي ۾ انهن جو اثر گهٽ ٿيندو ويو. ويهين صدي جي شروعات ۾ پنجاب ۽ بنگال ۾ برطانوي راڄ خلاف هارين جون بغاوتون ٿيون. ان وقت ترقي پسند سياسي جماعتون موجود نه هيون پر هارين جي تحريڪ دوران ئي اهي جماعتون وجود ۾ آيون پر ان تحريڪ جو حصو بڻجي نه سگهيون. انهن سوويت رهنما جوزف اسٽالن جي پوئيواري ڪئي. اسٽالن اتحادين سان معاهدو ڪري چڪو هو، ان ڪري ٻي مهاڀاري جنگ ۾ انڊيا جي ترقي پسند قوتن برطانيه خلاف وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته اهي اسٽالن جا اتحادي هئا. 1940ع ۽ 1945ع جي وچ ۾ آزادي جا 10 هزار ويڙهاڪ شهيد ٿيا. 1946ع ۾ مڪمل بغاوت ٿي. سڄي هندستان ۾ هڙتالون، مظاهرا ۽ احتجاج ٿي رهيا هئا. نيوي سيلرز، رائل ايئرفورس جي ورڪرن سان گڏوگڏ جلال پور، ڊيره دون ۽ گورکا ۾ سپاهين بغاوتون ڪري ڇڏيون. بهار ۾ پوليس بغاوت ڪئي. ريلوي ۽ ٽپال کاتي جي مزدورن ڪم بند ڪري ڇڏيو. صنعتي ڪارڪنن به هڙتال ۾ حصو ورتو. بمبئي ۽ مدراس سان گڏوگڏ ڪراچي ۾ به هڙتالون ٿي رهيون هيون پر ترقي پسند رهنما اهي هڙتالون ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. اسٽالن “ٽو اسٽيج بورجوه جمهوري انقلاب” جي ٿيوري ڏني هئي، جنهن مطابق هندستان جا سرمائيدار پنهنجي قومي مفاد ۾ عالمي سامراج سان ٽڪرائيندا ۽ اهي سوشلسٽ دنيا سان پنهنجو تعلق قائم ڪندا. اهو بورجوه انقلاب ته نه آيو، البته انهن تحريڪن جو فائدو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کي ٿيو.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي اها ئي سياسي وراثت هتي به منتقل ٿي  پاڪستان ۾ بدترين صورتحال اختيار ڪري وئي. هتي بورجوه انقلاب جي ٿيوري جاگيردارن ۽ مقامي ماڻهن جي سياست خلاف جدوجهد جو استعارو بڻجي وئي. اوڀر پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي لينگويج موومينٽ ۾ ماڻهن جو ساٿ ڏنو پر اولهه پاڪستان ۾ ڪنهن به عوامي تحريڪ جو ساٿ نه ڏنو. عوام کان هٽي ڪري سرمائيدارن يا فوج ذريعي انقلاب آڻڻ جي منصوبابندي ڪئي. هڪ مرحلي تي اهو چيو ويندو هو ته پاڪستان جا حبيب الله، سهگل ۽ وليڪا خاندان عالمي، سامراجي نظام ۽ انڊين بورجوه سان ٽڪرائيندا، پاڪستان کي سوشلسٽ بلاڪ ڏانهن وٺي ويندا. 1965ع ۾ ڊاڪٽر محبوب الحق جي رپورٽ مطابق 22 خاندان پاڪستان جي معشيت تي حاوي ٿي ويا هئا. 3/2 صنعتي اثاثا، 80 سيڪڙو بينڪنگ ۽ 79 سيڪڙو انشورنس جا اثاثا انهن جي ڪنٽرول ۾ هئا، پوءِ به بورجوه انقلاب نه آيو. ان سان گڏوگڏ فوج جي ذريعي انقلاب آڻڻ جي باري ۾ پڻ سوچيو ويو. ان ڪري جنرل اڪبر ۽ ان جي سس بيگم شهناز هڪ ڊرائنگ روم ۾ انقلاب آڻڻ جي آئڊيا تي بحث ڪيو ۽ انهن تي راولپنڊي سازش ڪيس ٺهي ويو.

چين ۽ روس ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته ڪجهه ماڻهو ماسڪو نواز بڻجي ويا ۽ ڪجهه چين نواز سڏرائڻ لڳا.  ايوب خان خلاف تحريڪ شروع ٿي ته ترقي پسند جا ٻئي گروهه ان کان پري رهيا. هڪ بورجوه جمهوري انقلاب جي ڪري ۽ ٻيو توڙي جو چين جي طرفن کان ايوب خان جي حمايت سبب تحريڪ کان لاتعلق رهيو. عوامي تحريڪن کان لاتعلقي سبب ترقي پسندن جو سياسي اثر رسوخ وڌيڪ گهٽ ٿي ويو ۽ وڏا وڏا جگادري ترقي پسند اڳواڻن جي عوام ۾ ايتري به حيثيت نه هئي، جيتري فيصل آباد جي مزدور اڳواڻ مختار رانا جي هئي، جنهن جي سڏ تي سڄو فيصل آباد بند ٿي ويندو هو. ان تحريڪ جو فائدو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي ليگ ورتو.

اولهه پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست جا دعويدار پيپلز پارٽي جي خلاف ٿي ويا. هيستائين “ترقي پسندن” جنهن تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ ڀرپور حصو ورتو هو، اها پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جي تحريڪ هئي، جنهن جون واڳون ساڄي ڌر جي سياسي جماعتن جي هٿ ۾ هيون. برک ترقي پسند دانشور جمعه خان صوفي پنهنجي ڪتاب “فريب نا تمام” ۾ لکي ٿو ته مير غوث بخش بزنجو مرحوم پي اين اي جو حصو بڻجڻ جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن تي مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي. مير غوث بخش بزنجي چيو هو ته پاڪستان جا مقتدر حلقه ڀٽي کي به ماري ڇڏيندا. پيپلز پارٽي به کاٻي ڌر جي سياست ڪونه ڪندي ۽ اسان جيڪي کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ آهيون، اسان کي به چٿيو ويندو ۽ اسين ساڄي ڌر جي ماڻهن جو سهارو وٺڻ تي مجبور ٿي پونداسين. مير بخش بزنجي جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي. پي اين اي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيو. پاڪستان ۾ نه بورجوه جمهوري انقلاب آيو ۽ نه ئي کاٻي ڌر جون قوتون پنهنجي بقا جو انتظام ڪري سگهيون. هاڻي جيڪو دور اچڻ وارو آهي، ان ۾ حاصل بزنجو  ۽ اسفند يار ولي جي شايد سياسي بارگينگ واري پوزيشن به نه رهي. عوامي نيشنل پارٽِي ۽ نيشنل پارٽي کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ سختگير ساڄي ڌر جي ماڻهن سان ٺاهه ڪرڻو پوندو. ليبر پارٽي، عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽين جهڙين ننڍين ننڍين جماعتن کي نه ڪو اڳ ۾ پڇندو هو نه ئي وري آئنده ڪير پڇندو.