ورسيءَ جي حوالي سان … ڊاڪٽر سنڪندر منڌرو: ملڪي سياسيت جو املهه ڪردار

0
112
ورسيءَ جي حوالي سان ... ڊاڪٽر سنڪندر منڌرو: ملڪي سياسيت جو املهه ڪردار

 اڪري هڪ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو پٽيهل دريا جي اڀرندي پاسي ۽ ڳٺي ڍوري اولنهه ڪنڊ تي 1720ع ڌاري آباد ٿيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي، ڪانجهي ڪوٽ ۾ تاجن منڌري کي شهيد ڪري، مانڌر تي افغانين ۽ مغلن جو قبضو ڪرايو ۽ منڌرا ڪجهه ڪڇ لڏي ويا ۽ ٻين اچي اڪريءَ جو ڳوٺ آباد ڪيو. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو جنم انهيءَ ڳوٺ ۾ ٿيو، جتي زندگيءَ جون سهولتون نه هئڻ جي برابر هيون. هو تاجن جي پوٽي ارباب سهلي منڌري جي پٽ ارباب ولي محمد منڌري جو ڏُهٽو هو. مٿس ڄمڻ وقت نالو به سهلو رکيو ويو. سندس باشعور ۽ باوفا گهرواري ڊاڪٽر خالده سڪندر سڄي عمر ساڻس سهلو چئي مخاطب ٿيندي هئي. ڊاڪٽر سڪندر ننڍپڻ کان ئي مانڌر پرڳڻي ۾ منڌرن جي زوال، تاجن جي آڻ نه مڃڻ ۽ شهادت جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌي جوان ٿيو. ڪلهوڙن پاران مانڌر تي قبضي، تاجن جي شهادت، غلام شاهه ڪلهوڙي سان راڌڻ منڌري جو مهاڏو، مانڌر جي جاگرفيائي اهميت، لطيف سرڪار پاران “نرم ڄار” جي ڇانو ۾ رچايل رهاڻيون، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مانڌرتي اک، ڪڇ جي راجا جو مانڌر پرڳڻي سان تاريخي تعلق، ڏُڪار جي ڏينهن ۾ تاجن منڌري پاران ڪڇ جي ماڻهن سان ڀلايون ۽ پرما جي پرڻجڻ وارو پهاڪو دراصل سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي، جن تي محمد سومار شيخ پاران ڏندڪٿائي تاريخ کانسواءِ ڪو به جامع ڪم نه ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ شرافت وسيلي هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪندڙ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو انهيءَ پسمنظر ۾ پروان چڙهيو. سنڌ اسيمبليءَ جي پارلياماني تاريخ ۾ هن پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. سامونڊي ڪناري تي ملاحن جا حق هجن يا ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ هجي، ڪالا باغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال هجي يا رياستي ادارن پاران گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو معاملو هجي، اين ايف سي ايوارڊ هجي يا وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي نوڪرين جي ڪوٽا هجي، هن هر معاملي تي سائنسي ۽ سياسي انداز سان پنهنجو ڪيس پيش ڪيو ۽ ڪيترائي بل پاس ڪرايا. سندس ئي وزارت جو دور هو، جنهن ۾ سنڌ اندر صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون نظر آيون. اڄ سڄي دنيا کي فخر سان سنڌ سرڪار جنهن اين آءِ سي وي ڊي، ڪينسر ۽ جگر جي ٽرانسپلانٽيشن وارين سهولتن بابت ٻڌائي رهي آهي، ان جي پويان ڊاڪٽر سڪندر منڌري جون ڪوششون ۽ عملي ڪردار قابلِ تحسين آهي.

هو نهايت تڪليفن واري ماحول ۾ پڙهي انهيءَ منزل تي پهتو هو، تنهنڪري کيس چڱي ريت خبر هئي ته غريب طبقي جي ماڻهن جا ڪهڙا مسئلا آهن. هن نه ڪڏهن اصولن تي سوديبازي ڪئي ۽ نه ڪڏهن اقتدار جي نشي کي پنهنجو پاڻ تي حاوي ٿيڻ ڏنو. عمر جي آخري پساهن تائين هن پنهنجي شرافت، ديانت ۽ ڏاهپ واري اصولن جي پاسداري ڪئي.

ڊاڪٽر سڪندر پاڪستان جي سياسي ڪلچر جو هڪ منفرد ڪامريڊ ڪارڪن هو، جيڪو بدين شهر جي يونٽ کان سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻي تائين پهتو. هن ڪڏهن پنهنجي سياسي راهه نه بدلائي، جيتوڻيڪ کيس تمام ڏکين امتحانن ۽ آزمائشن مان گذرڻو به پيو پر خاموشيءَ سان هن پنهنجو سفر جاري رکيو. هو پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو ڀرجهلو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس محبت جي انتها اها هئي جو هو جڏهن به ڀُٽي صاحب جو ذڪر ڪندو هو ته سندس اکيون اشڪبار ٿي وينديون هيون. ڊاڪٽر سڪندر ئي اهو پارٽي ورڪر هو، جنهن سان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي گرفتاري کان ڪجهه ڪلاڪ پهرين آخري ملاقات ڪئي. هو هٿيارن، بدزباني، انتقام ۽ ڏيکاءُ جي سياست ۾ يقين نه رکندو هو پر پنهنجي مظلوم ماڻهن لاءِ ڏاڍن ۽ زورآور سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ دير به نه ڪندو هو. ڌُر ڌڻين کي ضلعي ڪائونسل بدين جي هال مان هن اهو چئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته مڇيءَ جي ٺيڪن تي اصلي حق مقامي ملاحن جو آهي، انهيءَ ڪري اوهان جو هتي هجڻ غيرضروري آهي، تنهنڪري مهرباني ڪري هتان نڪري وڃو اهو 1995ع جو سال هو، جڏهن هو آپريشن کاتي جو صوبائي وزير هو. اهڙي ئي جرئت جو مظاهرو هن تڏهن به ڪيو، جڏهن بشير آريسر سميت سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي جبري طور گُم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو. تڏهن سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو قومي ڪارڪنن لاءِ سندس آواز جو پڙاڏو گونجيو هو. اهڙي طرح مارشل لا دور ۾ جڏهن فقير ناٿي لُنڊ تي رينجرز احتجاج ڪرڻ جي “ڏوهه” ۾ تشدد ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو ته اهو ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ئي هو، جنهن نه رڳو فقير ناٿي تي تشدد جو سرٽيفڪيٽ ڏنو پر ڪورٽ ۾ به سندس مٿان ٿيل ناجائز تشدد بابت شاهدي به ڏني.

ڊاڪٽر سڪندر منڌرو سنڌ جي سياست جو اهو املهه ڪردار هو، جنهن ۾ هميشه ٿاڻن، ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ واري سياست کان پاسو ڪيو ۽ اجتماعي ڀلائي وارن ڪمن کي ترجيح ڏني. سندس تَڪ ۾ روڊن، رستن، اسڪولن، اسپتالن، تلائن ۽ ڪميونٽي سينٽرن جون اهڙيون سوين اسڪيمون آهن، جيڪي هن دلچسپي وٺي تعمير ڪرايون پر جڏهن کيس انهن جي افتتاح لاءِ چيو ويندو هو ته هو هميشه چوندو هو ته، “اها عوام جي امانت هئي، جيڪا مون انهن تائين پهچائي آهي، انهيءَ ۾ ڏيکاءُ ڇو ڪجي.”

هو گورنمينٽ پرائمري اسڪول متارو منڌرو ۾ سائين محمد يوسف وٽ پڙهيو ۽ فائنل سيراڻي مان ڪيائين. انهيءَ کانپوءِ هو نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پڙهڻ لاءِ ويو. ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ اتي ئي سندس زندگيءَ ۾ انقلاب آيو. هن ذوالفقار علي ڀُٽي جي تقرير ٻڌي ۽ فيصلو ڪيائين ته هو سياست کي عوامي خدمت جو وسيلو بڻائيندو. ايئن ئي هن ڦهه جواني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ بدين کان پنهنجي سياست شروعات ڪئي. هن جي گهرواريءَ ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو کي بيگم نصرت ڀٽو پاڻ سان گڏ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جو باني ميمبر بڻايو ۽ هو اڄ تائين به پيپلز پارٽيءَ ۾ آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کانپوءِ شديد آمريت سختين جي باوجود به محترمه بينظير ڀٽو بدين ۾، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي گهر آئي ۽ ڀروسي واري ڪارڪنن سان ملي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن عوام بينظير ڀٽو سان گڏ هو پر ليڊرشپ منظر تان گُم هئي. جيئن ئي محترمه بينظير ڀٽو بدين جو ڳجهو دورو ڪري رواني ٿي، تيئن ئي فورسز منڌرا هائوس تي ريڊ ڪيو ۽ شديد تشدد ڪري ڊاڪٽر سڪندر کي گرفتار ڪري ويا. مارشل لا راڄ هو، شديد دٻاءُ هو ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو پنهنجون وفاداريون تبديل ڪري مجلسِ شوريٰ جو حصو بڻجي پر هن وفادار ورڪر جلاوطنيءَ جو رستو اختيار ڪيو پر بيوفائي نه ڪئي ۽ جنرل ضياء واري مارشل لا وارو پورو عرصو سعودي عرب ۾ جلاوطن رهيو. سندس پٽ ذڪريا ۽ ڌيءَ اميسا جي بنيادي تعليم به سعودي عرب جي آهي. جلاوطنيءَ جي ڏينهن ۾ هن خاندان ڪهڙين تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، انهيءَ جا تفصيل سندس ليکڪا گهرواري سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر جي ڪتاب “عرب جا ڏينهن، عرب جون راتيون” ۾ لکيل آهن. بينظير ڀٽو صاحبه جڏهن به سعودي عرب ويندي هئي ته ڊاڪٽر سڪندر جي گهر رهندي هئي.

ڊاڪٽر سڪندر رڳو ميڊيڪل ۽ سياست جو ئي ڄاڻو نه هو پر سندس عالمي ادب جو به وڏو مطالعو هو. مونکي ياد آهي ته هو پروفيسر نقاش علواڻي سان موسيقي جي تاريخ تي، فقير ناٿي لُنڊ سان لوڪ ادب تي، مصطفيٰ ٽالپر ۽ نصير ميمڻ سان سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي ۽ وسيلن تي، ذوالفقار هاليپوٽي ۽ مسعود لوهار سان ماحولياتي معاملن تي ڪيئن نه ڪلاڪن جا ڪلاڪ ريهاڻيون ڪندو هو. هو انهن معاملن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم به لکندو هو ته مختلف فورمن تي وطن جي وسيلن جي وڪالت به ڪندو هو.

7 جولاءِ 1943ع تي اڪري ۾ جنم وٺندڙ هن باڪردار انسان 11 جون 2022ع تي وفات ڪئي. کيس سنڌ وطن جي انهيءَ مٽيءَ ۾ مدفون ڪيو ويو، جيڪا دلين تي راج سڪندر روز روز پيدا نه ڪندي آهي.