ڳڙهي خيرو (ن پ ا) هٿياربندن هٿان ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل چئن مغوين کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، خبر موجب ڪالهه صبح جو اڻڄاتل ھٿياربند رتوديرو واسي ڀنڊ برادري جي چئن ڄڻن علي گوھر ڀنڊ، گلشير ڀنڊ، علي گل ڀنڊ ۽ گل محمد ڀنڊ کي وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب جلباڻي مان اغوا ڪري کين پنھون ڀٽي واري علائقي ڏانهن کڻي ويا، اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ خاص ٽيمون جوڙي مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد جي پي آر او پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته چئن ڄڻن کي ھٿياربندن ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ھو، پوليس ڳجهي اطلاع تي پنھون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پوليس جي چرپر ڏسي ھٿياربند چئني مغوين کي ڪلچ شاخ واري علائقي ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس مغوين کي باحفاظت وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي.