ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي سائيٽ ايريا خدا جي بستي جو رهواسي ٽينڪر ڊرائيور الله بخش کوسو پاڻي جو ٽينڪر هوٽل ٻاهران بيهاري هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ بينچ تي ويٺو ته هو ته هڪ اڻ ڄاتل هٿياربند سندس مٿان پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويو، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان الله بخش ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته شهرين جي اطلاع باوجود حد جي پوليس واقعي واري هنڌ تي هڪ ڪلاڪ دير سان پهچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف ڪوٽڙي پوليس پوسٽ انچارج نظر پنهور ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۽ ورتل معلومات موجب مقتول 7 سال اڳ ڪشمور مان پنهنجي برادري جي ناري سان پسند جي شادي ڪري ڳوٺ مان گم ٿي ويو هو، جيڪو گذريل 3 سالن کان ڪوٽڙي ۾ رهندڙ هو، تنهن ڪري شڪ آهي ته کيس ان معاملي هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪشمور مان پهتل مقتول جي ڀاءُ علي بخش کوسي ٻڌايو ته ڀاءُ 7 سال اڳ برادري جي ناري سان عدالت ۾ شادي بعد فرار ٿي ويو هو، سندس زال جا وارث کيس اڪثر مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندا رهندا هئا، اسان کي شڪ آهي ته برادري جي ماڻهن ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي، هن چي ته صلاح ڪري قاتلن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين.