ڳڙهي خيرو: پوليس وردي ۾ اغوا ٿيل نوجوان گھر پھچي ويو

0
338

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ھڪ مھينو اڳ پوليس وردي پھريل ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل نوجوان گھر پھچي ويو، ڳڙهي خيرو، ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عيدن ليڙواڻي مان ھٿياربند نوجوان نظام الدين ليڙواڻي کي اغوا ڪري ويا ھئا، نوجوان جي اوچتي گھر پھچڻ تي سندس وارثن ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي، وارث جو چوڻ آهي ته نوجوان جي اغوا بعد بلوچستان جي مختلف شھرن ۾ قرآن پاڪ کڻي گھمايو ويو هو، جنھن تي ھٿياربندن کيس آزاد ڪري ڇڏيو.