فيض گنج: بارداڻو آبادگارن بجاءِ بااثر زميندارن ۽ واپارين کي ملڻ لڳو

0
599

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي جي فوڊ سينٽرن تي پهتل بارداڻو آبادگارن بجاءِ بااثر زميندارن ۽ واپارين کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، فوڊسينٽرن تي بارداڻو وٺڻ لاءِ ويندڙ آبادگارن کي جواب واپارين جي گدامن دڪانن تي بارداڻو سرعام پيل آهي، فيض گنج تعلقي جي ڪوٽ لالو، امن چودڳي، پڪا چانگ، ڀنگو بهڻ، ڪرونڊي اڪري چودڳي، ظفر آباد ۽ حسين پاتو سينٽرن تي آبادگارن بجاءِ زميدارن کي بارداڻو ملڻ لڳو آهي، سرڪاري بارداڻو نه ملڻ ڪري آبادگار دڪانن تان پلاسٽڪ جا ٻاچڪا خريد ڪري ان ۾ رکڻ تي مجبور آهن، واپاري به آبادگارن کان سرڪاري اگهن بجاءِ ٻه هزار رپين بجاءِ في مڻ 15سئو کان 18رپين ۾ خريد ڪري رهيا آهن.