سجاول جوڻيجو: گهر تي پوليس چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، ڪيهاٽ

0
337

سجاول جوڻيجو: سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ هدايت الله کوسي ۾ شھدادڪوٽ پوليس روشن علي کوسو جي گهر مٿان چڙهائي ڪري عورتن کي تشدد ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، پوليس گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري 2 تولا سون، پيسن واري پيٽي جنهن ۾ ٽي لک روڪ کڻي مال جي واڙي کي باھ ڏئي ساڙي ويا، باھ لڳڻ سبب ڪڻڪ جو 10 جريبن جو ديرو سڙي رک ٿي ويو، متاثر گهر ڀاتي روشن کوسي چيو ته شهدادڪوٽ پوليس بنا جواز اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائي گهر مان سون، روڪ رقم، 10 سولر جا پکا، 10 سولر پليٽون کڻي ويا. شهدادڪوٽ بي سيڪشن پوليس جي وڏي منشي شهنشاهه ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي چيو ته گهرن کي باهه نه ڏني، 20 ڏينهن اڳ 125 موٽرسائيڪل ڦر ٿي هئي ان موٽرسائيڪل ڦر جي ڪري ڏوهاري گرفتار ڪرڻ ويا سين، جتي ڏوهاري ڀڄي ويا ۽ پوليس واپس موٽي آئي.