ڳالھ وطن سان عشق جي آهي

0
147
ڳالھ وطن سان عشق جي آهي

  دنيا اها حقيقت ڄاڻي ٿي ته روس هڪ طاقتور ديس آهي، هن وٽ وڏي فوجي ۽ جنگي سگهه آهي جيڪا يوڪرين ته ڇا پر گهڻن طاقتور ملڪن جا ڳاٽا لاهڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اهو به مڃجي کڻي ته يوڪرين نيٽو جو حصو بڻجن لاءِ مناسب رستو نه چونڊي روس جي دفاعي خدشن کي اڀاريو، اهو به مڃجي کڻي ته آمريڪا يوڪرين کي جنگ ۾ ڌڪي پاڻ پاسيرو ٿي ويو ته نيٽو ۽ يورپ به پري ويهي هن جنگ جو نظارو ڪيو ۽ تماشو ڏٺو… پر ان عظيم سچ کان انڪار ممڪن ئي ناهي ته يوڪرين جي بهادر صدر وطن سان قوم سان گڏ بيهي نئين تاريخ لکي آهي. هن جي چهري جي تازگي حشمت ۽ قومي جرئت سرخ سلام لائق آهي. يقين آهي روس جنگ کٽي ويندو، پر يوڪرين جو ڪنڌ جُهڪيل نه هوندو ڇو جو يوڪريني قوم صدر ولاديمير زيلنسڪي سميت قومي روح سان پير کوڙي وڙهي آهي. هن قسم جا بھادر اڳواڻ عظيم قومن جو سڀاڳ هوندا آهن. (فيس بوڪ وال تان ورتل)