سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

0
184
سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اڳوڻي وزير جي خالي ٿيل سيٽ تي 9 مارچ تي چونڊ روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊيل نمائندن کي تاحيات نااهل ڪري سگهي ٿي يا نه، اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا عدالتي اختيار ڪهڙي حد تائين استعمال ڪري سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ چيو ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي، اليڪشن ڪميشن جي دائري اختيار کي ڏسڻو آهي

عدالت چيو ته 9 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ اليڪشن جا نتيجا عدالتي فيصلي سان مشروط هوندا.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏيندي سندس سينيٽر طور نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد سندس سينيٽر طور نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو هو.