اشو آف دي ڊي دنيا امن گهري ٿي: يوڪرين ۾ ڦاٿل سنڌ واسين سوڌو پاڪستانين جي واپسي لاءِ مهم

0
136
اشو آف دي ڊي دنيا امن گهري ٿي: يوڪرين ۾ ڦاٿل سنڌ واسين سوڌو پاڪستانين جي واپسي لاءِ مهم

يوڪرين مان سنڌ واسي شاگردن سوڌو سمورن پاڪستانين جي خيريت سان وطن واپسي لاءِ مهم هلائي وئي، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته دنيا جنگ نه پر امن چاهي ٿي، ان سلسلي ۾ اختر علي معصومه ميمڻ جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڇا اسان لاوارث آهيون؟ ايئن لڳي رهيو آهي ته اسان پاڪستاني ناهيون، اسان جي مدد ڪرڻ وارو ڪير ناهي، يوڪرين مان هڪ پاڪستاني شاگردياڻي حڪومت پاڪستان کي مدد جي اپيل ڪري رهي آهي. دلشاد جمن لغاري به ساڳئي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته يوڪرين ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويل پاڪستاني بي يارو مددگار، سنڌ جي نياڻي مورو واسڻ شاگردياڻي معصوما ميمڻ پنھنجي ديس واسين لاءِ ويڊيو جاري ڪيو آهي ته الله جي واسطي اسان جي مدد ڪئي وڃي، اسان پيرين پنڌ ڪري سخت تڪليف ۾ پولينڊ جي بارڊر وٽ پهتا آهيون، اسان کي باڊر ڪراس ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي.جنهن تي سائين بخش لغاري لکيو ته حڪومت پاڪستان کي گهرجي ته انهن جي مدد ڪري، فاروق احمد، الله ڏتو، ميڪش سومرو، ذوالفقار علي بگٽي، ملڪ وحيد، طارق علي، عباس علي وگهيو، محمد نديم خاصخيلي ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪندي مدد جي اپيل ڪئي. مهراڻ خان شاهاڻي ڪلوئي واسي پرمانند جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو به مدد جي اپيل ڪري رهيو آهي،

حمير جاني پوسٽ شيئر ڪندي منهنجو دوست محمد طحه به يوڪرين ۾ ڦاٿل آهي، پاڪستان جي حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته انهن کي سهولت ڏئي باحفاظت واپس پاڪستان پهچائڻ جا انتظام ڪيا وڃن. مڪيش ڪمار وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي شاگرد احمد فراز پليجو سميت اڍائي هزار شاگرد يوڪرين ۾ ڦاٿل آهن، جن مان اڪثر روسي سرحد کان 40 ڪلوميٽر پري شهر ۾ رهائش پذير آهن. مرڪ شهزاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مورو واسڻ شاگردياڻي يوڪرين ۾ ڦاٿل آهي ۽ هن مدد جي اپيل ڪئي آهي، پاڪستان کان يوڪرين جي شهر پلتاوا ۾ 40 کان وڌيڪ پاڪستاني شهري جنگ جي صورتحال ۾ ڦاٿل آھن، جن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ موجود آهن انھن ۾ مورو واسي ناري معصومه ميمڻ به شامل آھي جيڪا ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يوڪرين ترسيل آھي، ان سلسلي ۾ هن ھڪ وڊيو بيان جاري ڪندي پاڪستان سفارتخاني کي مدد جي اپيل ڪئي آھي سندس چوڻ آھي ته اسان وٽ پيسا به ناهن اسان ھتي تمام گھڻو پريشانيءَ ۾ مبتلا آھيون ۽ ھتي پاڪستاني فيمليون پڻ موجود آھن جن ۾ معصوم ٻارڙا به شامل آھن، ھن بيان ۾ اھو به چيو آھي ته ٿي سگھي ٿو اھا وڊيو آخري ھجي تنھن ڪري اسان جي مدد ڪئي وڃي هن وزير اعظم پاڪستان عمران خان کان پاڪستان واپسي جي مدد جي اپيل ڪئي آهي، رسول بخش ٿيٻو، گل حسن رند، ماجد حيدري به معصومه جي وڊيو شيئر ڪئي، ذوالفقار قادري ۽ ٻين يوڪرين ۾ ڦاٿل نوشهرو فيروز واسي شاگرد ثاقب ڪيريو جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو مدد جي اپيل ڪري رهيو آهي. حاڪم لاشاري، مظهر ابڙو ۽ ٻين سنڌي شاگردن جي واپسي لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون.

                         ھڪ بھادر يوڪرائن عورت جي روسي فوجي سان ڳالهه ٻولهه …تون ڪير آھين ؟ تون روسي آھين ؟ توھان ھتي اسان کي فتح ڪرڻ آيا آھيو ؟ ھي وٺ سورج مکي جو ٻج پنھجي کيسي ۾ وجھي ڇڏ تون جڏھن مري ويندين ۽ دفن ٿيندين ته ھن مان سورج مکي جا گل نڪرندا .. يوڪريني عورت … نوٽ: سورج مکي يوڪرائن جو قومي گل آھي. (محمد اسلم جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

                         ڪنهن ٿي ڄاتو، اي انسان، توکي ڪهندو تنهنجو ڀاءُ (شيخ اياز)

                         يوڪرائن جي گادي ڪيف سميت ٻين شھرن تي روس جي جارحيت جاري، سوين بيگناهه انسان حياتيون وڃائي ويٺا. (فرحان تنيو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)