گھوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) سنڌ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب غلام رحيم چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه پيو لڳي، جيڪڏھن پاڻي مٿي کان چڙھي ويو ته پوءِ اهو آپشن به موجود آھي. گهوٽڪيءَ ۾ ڊاڪٽر جاويد شاهه جي پونئيرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جي ڊي اي اتحاد اسان گڏجي ٺاھيو، سردار علي گوھر مھر ۽ غوث بخش مھر جي ڊي اي جو حصو آھن، جيڪڏھن اھي پي ٽي آءِ ۾ شامل نه ٿيا ته اسان سان اتحاد ۾ شامل ھوندا ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ سيٽ ايڊجيسمينٽ تحت وڙهنداسين. ارباب رحيم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن لياقت جتوئي، امير بخش ڀٽو کي پرچائي ورتو آھي ۽ اهي اسان سان گڏ آھن. سمورن پراڻن اڳواڻن ۽ ڪارڪن کي گڏ کڻي ھلبو، ارباب غلام رحيم دعويٰ ڪئي ته جلد وڏيون شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿينديون. هن چيو ته عوام وٽ وڃي وفاقي ادارن سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪريان ٿو ته اهو پ پ وارن کي چئليج نظر ٿو اچي، تنھن ڪري اھي حملا ڪرائي رھيا آھن. اهو سندن پراڻو ڪم آهي. هن چيو ته وفاق جڏھن به صوبن کي پنهنجون ذميواريون ياد ڏياري ٿو ته سنڌ حڪومت رڙيون ٿي ڪري. هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان چونڊيل وزير اعظم آھي، سنڌ ۾ گورنر راڄ نه پيو لڳي پر جيڪڏھن ڳالهه حد کان وڌي وئي ته اهو آپشن به موجود آهي.