مٺي (رپورٽر) مٺي جي ڳوٺ ڪاٺو ملوڪ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي جي تڪرار تان ٿيلجهيڙي واري معاملي ۾ مٺي ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جا هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جنهن ۾ هڪ ڌر جي فريادي محبوب جوڻيجي پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ مخالفن جي 24 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ڳوٺ سگهروڙ واسي 18 مهينن جي ٻارڙي فاضل ولد آصف کي پڻ جوابدار طور ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آھي، ان حوالي سان ٻارڙي جي ڏاڏي شمس الدين جوڻيجي ٻڌايو ته فاضل ولد آصف نالي اسان جي علائقي ۾ ٻيو ڪوبه شخص موجود ناهي، منهنجي ڏيڍ سال جي معصوم پوٽي فاضل تي پوليس زمين تي قبضي تان ٿيل جهيڙي واري ڪيس ۾ جوابدار ڏيکاري اسان کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آھي، ڏيڍ سال جو معصوم ڪيئن ٿو جهيڙو ڪري سگهي، هن چيو ته جوڻيجا برادري جي سئوٽن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو هو، ان سان جي ٻارڙي توڙي گهر ڀاتين جو ڪوبه تعلق نه هو پر معصوم کي جوابدار بڻايو ويو آهي، هوڏانهن ايس ايچ او مٺي محمد سومار منڱريو ٻڌايو ته غلطي سبب ڪيس ۾ ٻارڙي جو نالو اچي ويو، ان نالي سان ٻيو جوابدار هو، جيڪو فريادين ڪيس ۾ پئي ڏنو پر ان جي ولديت ٻئي آھي، ڪيس ۾ ٻارڙي جو نالو ولديت سميت غلطي ۾ اچي ويو، اسان اهڙي غلط فهمي واري رپورٽ لاڳاپيل عدالت کي ڏئي ڪيس مان ٻارڙي فاضل جوڻيجي جو نالو خارج ڪري ڇڏيو آھي. هوڏانهن ڪيس جي فريادي محبوب جوڻيجو چيو آھي مٺي ٿاڻي جي يا منهنجي غلطي آهي، اسان فاضل ولد امين جوڻيجو مٿان ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنھن ۾ فاضل ولد آصف جوابدار ڄاڻايل ناهي، فريادي محبوب علي جوڻيجو چيو ته اسان جن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني ان ۾ ٻار ڄاڻايل ناهي، پوليس پنهنجي مرضي يا غلطي سان ڪيس ۾ ٻارڙي جو نالو شامل ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڪيس 40 ورهين جي جوابدار فاضل تي داخل ڪرايو صرف ولديت ۾ غلطي ٿي آھي.