ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس گھريلو تشدد، لڄالٽ ۽ ھراسمينٽ ڪيسن جي بهتر جاچ، تڪڙي ڪارروائي ۽ متاثرن کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ اھم فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي ڪيسن جي جاچ لاءِ قابل ۽ تربيت يافته انويسٽيگيشن آفيسر اڳ ۾ ئي مقرر ڪيا ويا هئا، هاڻي ڪراچي جي ڏکڻ زون ۾ وومين ٿاڻي ۾ ون اسٽاپ پروٽيڪشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي سائوٿ کي لکيل خط ۾ آءِ جي سنڌ ڄاڻايو ته اھڙن ڪيسن ۾ پوليس جي فارنزڪ ڊپارٽمينٽ، ايم ايل او، وومين ڊولپمينٽ، سوشل ويلفيئر کاتي ۽ پوليس جي گڏيل سهڪار جي ضرورت محسوس ڪندي ون اسٽاپ پروٽيڪشن سينٽر ٺاھيو ويو آهي ، ليگل ايڊ سوسائٽي به سهڪار ڪندي خط ۾ ڄاڻايو ويو ته سينٽر انچارج 3 ضلعن تي ٻڌل ڏکڻ زون ۾ ٿيندڙن واقعن جي فوري ايف آءِ آر کي يقيني بڻائيندو ، جڏهن ته ايم ايل او سان ڪو آرڊينيشين ۾ ايندو، انچارج ڪيس جي جاچ ۾ ايس او پيز تي عمل به ڪرائيندو