گھارو پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو، نيشنل هاءِ وي بند

0
291
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

گهارو (ن پ ا) گھارو پوليس جي زيادتين خلاف ڀٽ برادري پاران مين نيشنل ھائي وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ڪراچي ٺٽو نيشنل ھاء وي مڪمل طور تي بند ٿي ويو. مظاهري ۾ شامل عورتن جو چوڻ هو ته پوليس عورتن تي تشدد ڪيو آھي، منشيات ٻيا وڪڻن ٿا اسان جي گھرن تي چڙھائي ڇو ڪئي وئي؟روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري ھزارين گاڏين جون قطارون لڳي ويون.ٻئي طرف ايس ايڇ او گھارو جو چوڻ آھي ته اسان منشيات وڪرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي آھي روڊ بلاڪ ڪري پوليس کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.