گيليڪسي جو ٽڪراءُ- ستارا نه ٽڪرائبا … الفت حسين پتافي

0
305

 ايندڙ چار ساڍا چار ارب سالن ۾ اسان جي پنهنجي ملڪي وي گيليڪسي ۽ پاڙيسري گيليڪسي ايندروميڊا پاڻ ۾ ٽڪرائجي وينديون. ملڪي وي گيليڪسي ۾ ٽي سئو ارب ستارا آهن ۽ ايندروميڊا گيليڪسي هڪ هزار ارب يا کرب ستارا آهن. مزي جي ڳالهه تي ان ٽڪراءُ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪو به ستارو ٻي ستاري سان نه ٽڪرائبو. اهو ان ڪري جو هڪ ئي گيليڪسي ۾ هجڻ باوجود به ستارا هڪٻئي کان تمام گهڻو پري هوندا آهن.

                         مثال طور سج ۽ ان کي سڀني کان ويجهو ستارو الفا سينٽوري سوا چار نوري سال جي فاصلي تي آهن. اهو فاصلو هن اينالاجي ذريعي سمجهي سگهجي ٿو. جيڪڏهن سج هڪ ڪرڪيٽ جو بال هجي ۽ اهو ڪراچي ۾ صفوران ڳوٺ وٽ رکيل آهي ته ان حساب سان الفا سينٽوري ستارو يارنهن سئو ڪلوميٽر پري اسلام آباد جي آسپاس هوندو. ٻن پاڙيسري ستارن جو جيڪڏهن ايڏو فاصلو آهي ته پاڻ حساب لڳايو ته صرف ملڪي وي گيليڪسي ڪيڏي وڏي آهي ۽ پوري ڪائنات جون ٻه هزار ارب گيليڪسين ڪيتري وسيع علائقي ۾ هونديون. (فيس بوڪ وال تان ورتل)