گولاڙچي (ن پ ا) گولاڙڇي جي برسات سبب بيروزگار ٿيل تغاري مزدوري ڪندڙ غريب پورھيتن جي ڪنھن به سار نه لڌي جنھن ڪري سندن گھرن ۾ ڦاڪاڪشي واري صورتحال آھي ، جڏھن ته  پورھيتن پاران امدادي سامان راشن توڙي بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا نه ملڻ خلاف رياض تنيو، عالم چند، ھارون، ھاشم ، سليم جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب گولاڙچي آڏو علامتي بک ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو، پورھيتن چيو ته برسات سبب گھر ڊھي ويا، ٽن مھينن کان مزدوري به نه ٿي ملي، مھانگائي ۽ غربت سبب ويلا ڪاٽي رھيا آھيون، ھنن چيو ته امدادي سامان ۽ راشن من پسند ماڻھن کي ڏنو پيو وڃي، پر اسان کي آفيسن مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو وڃي، ھنن چيو ته اسان جي امداد ڪئي وڃي، ٻين صورت ۾ ڌرڻو ھڻي ڪراچي بدين ھائي وي بلاڪ ڪنداسين مھردين مري