لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر ريجنل آف ڪاليجز جي ڪلارڪن منور مائري، احسان کوکر، غلام رضا سحر، الطاف حسين ڌامراھ جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا زيادتين ۽ جائز مطالبن جي حل لاءِ آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته اسان جا پروموشن رڪيل آهن، ڊپٽي ڊائريڪٽر امتياز شاھ کي گذارش ڪئي ته لسٽون صحيح ڪري سيڪريٽري ڏانهن اماڻيو،  ته ڊپٽي ڊائريڪٽر انڪار ڪري ڌمڪائي رهيو آهي، نوٽيس وٺي جائز مطالبا منظور ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن ڊپٽي ڊائريڪٽر امتياز شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪلارڪن جا لڳايل الزام بي بنياد آهن، مون کي سينارٽي لسٽ ۾ عتراض هئا، آئون آفيشل رول تي هلندس ملازمن جي ڌمڪين تي صحيح نٿو ڪري سگهان.