ڏوڪري (ن پ ا )  ڏوڪري تعلق جي 10 يوسيز جي ڳوٺن ڳوٺ پير شاھ، ڳوٺ خير محمد ميمڻ، پنهل بروهي، پير بخش بروهي، فتح محمد اعواڻ، شير محمد سيهڙو، ابو صمد تنيو ۽ ڍنڍ جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب زميني رابطو ڪٽيل آھي،مسعود، منير، عامر، وحيد سولنگي ۽ ٻين چيو ھو ته انتظاميا ڳوٺن مان برسات جو پاڻي ناهي ڪڍرايو، چونڊيل نمائندن ڏکي گهڙي ۾ اسان جي سار سنڀال ناهي لڌي. ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، رستا پاڻي ۾ مڪمل هيٺ اچي ويا آھن، هنن چيو ته ٻارڙا گيسٽرو توڙي ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن،  ميڊيڪل ڪيمپون به ناهن لڳايون ويون، پاڻي نيڪال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.