ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گھرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه پيو لڳي ۽ نه ئي آئون ڪنهن مشن تي آيو آهيان، ملڪ ۾ هيجاني ڪيفيت آهي ته ڪراچي ٻري (سڙي) رهي آهي، شڪارپور کان ڪراچي تائين امن امان جي صورتحال خراب آهي، آئون اڄ گورنر ۽ وڏي وزير سان ملاقات ڪندس، سنڌ حڪومت جي مدد ڪنداسين، صوبي مان ڏوهارين جو خاتمو آندو ويندو. وزيراعظم جي هدايتن تي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي پهتل وفاقي وزير شيخ رشيد جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم کي چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، انڪري گھرو وزير کي سنڌ اماڻيو وڃي، جنهن تي وزيراعظم مون کي سنڌ جي دوري جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آئون ڪنهن خاص مشن تي نه آيو آهيان ۽ نه ئي گورنر راڄ جو امڪان آهي، ملڪ ۾ هيجاني ڪيفيت آهي ته شهر سڙي رهيو آهي، شڪارپور کان ڪراچي تائين حالتون خراب آهن. هن چيو ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان ملاقات ڪندس، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ذاتي طور رابطو ڪيو آهي، ساڻس رابطو ڪندس، اڄ امن امان بابت اجلاس جي صدارت پڻ ڪندس، جنهن بعد وزيراعظم کي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪندس. هن چيو ته امن امان صوبائي مسئلو آهي، وڏو وزير چوندو ته اسان امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس ساٿ ڏينداسين، وزيراعليٰ جيڪا مدد گھرندو، اها مدد ڏينداسين، سڄي سنڌ کي صاف ڪنداسين. هن چيو ته آئون رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندس، اهو وزيراعظم تي آهي ته اهو ڪهڙو فيصلو ٿو ڪري؟ هن ڌاڙيلن کي هٿيارن جي فراهمي متعلق سوال جو جواب ڏيندي چيو ته عمران خان جي دور ۾ ڪنهن کي ڇيرن واري بندوق جو لائسنس به جاري ناهي ٿيو. هن چيو ته غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي نادرا کي ڏسي رهيو آهيان، نادرا کي ايئن ڏسندس جو اوهان به ڏسندو، نادرا ۾ ويٺل چورن غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آهن، انهن کي پڪڙيندس، نادرا جي ڪجهه ماڻهن زيادتي ڪئي آهي. هن چيو ته ايف آءِ اي جي اڌ آفيسرن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان پورا 5 سال حڪومت ڪندو. ٻئي طرف وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد رينجرز هيڊڪوارٽر پهچي ڊي جي رينجرز ميجر جنرل افتخار حسين چوڌري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفاقي گھرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هو، ڊي جي رينجرز صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت وفاقي گھرو وزير کي بريفنگ ڏني. ملاقات دوران امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو. وفاقي گھرو وزير ڪراچي ۾ امن امان بابت رينجرز جي کينل قدمن جي تعريف ڪئي. وفاقي گھرو وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا، وفاق قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ضروري وسيلا فراهم ڪندو.