ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) وڏو وزير شڪارپور واري ڪچي ۾ آپريشن دوران ناقص حڪمت عملي ۽ غلط بياني تي ناراض، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي هٽائي ڇڏيو، عرفان بلوچ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد مقرر، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر طرفان شڪارپور جو دورو ڪرڻ بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي کي هٽايو ويو. چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب کي سي پي او رپورٽ ڪرايو ويو، جڏهن ته مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو، عرفان بلوچ کي وري ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت ايس ايس پي تنوير تنيو کي شهيد بينظيرآباد مان بدلي ڪري ايس ايس پي شڪارپور مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته امير سعود مگسي کي وري ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد مقرر ڪيو ويو.