شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ سندن سھولتڪارن خلاف گڏيل ۽ ڀرپور ”آپريشن ڪلين اپ“ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هڪ به ڌاڙيل جي خاتمي تائين آپريشن بند نه ٿيندو، شڪارپور جَي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ ڪنهن جِي به مدد جِي ضرورت ناهي، پهرين به فوج ۽ رينجرز ڪچي ۾ آيون هيون، پر مڪمل طور امن بحال نه ٿيو، پوليس ئي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو ناسور ختم ڪندِي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪچي ۾ رينجرز ۽ فوج ذريعي آپريشن وارَي تاثر کي رد ڪري ڇڏيو، مليل اطلاعن موجب سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت ۽ امن امان بابت بريفنگ وٺڻ لاءِ شڪارپور پهتو، شڪارپور ۾ شهيد پوليس اهلڪارن، شهيد منور جتوئي، عبدالخالق سولنگي ۽ فوٽو گرافر عبدالحسيب شيخ جي وارثن سان تعزيت ڪئي، تعزيت بعد وزير اعليٰ سنڌ ايس ايس پي آفيس شڪارپور ۾ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي جنهن بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ وزير اعليٰ سنڌ کي امن امان بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيدن جي وارثن ۽ پوليس اهلڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته مان شهيد اهلڪارن ۽ فوٽو گرافر جي وارثن جو حوصلو وڌائڻ آيو آهيان، هن چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ ڪجهه ڌاڙيل ڏوهاري ڪارروائيون ڪن پيا، انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جي ڪچي جي ڏيڍ لک ايڪڙن تي آپريشن ڪيو ويندو ھن چيو ته شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ ڪنھن جي مدد جي ضرورت ناھي، ضرورت پئي ته ٻين سڪيورٽي ادارن کان مدد ورتي ويندي. هن چيو ته ڏوهاري ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪري سگهن ٿا، ان ڪري ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي آپريشن ڪيو ويندو، هن چيو ته اي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي کي چيو آهي ته شهيدن جي ٻارن جي پرگهور لهن زير تعليم ٻارن جي تعليم ۾ مدد ڪئي ويندي ۽ انهن کي روزگار ڏنو ويندو. اي پي سي جي شهيد ڊرائيور جو پٽ ڊاڪٽر آهي منور علي جتوئيءَ جو پٽ پڙهي رهيو آهي انهن کي نوڪريون ڏنيون وينديون. هن چيو ته سنڌ پوليس تي ڀروسو آھي ۽ اهي ڏوهارين جو خاتمو آڻيندا سيد مراد علي شاهه چيو ته شيخ رشيد سنڌ ڀلي اچي منهنجي خواهش آهي ته ڪراچي کان پوءِ شڪارپور به اچي پر سندس اچڻ جو آفيشلي اطلاع ناهي، باقي سوشل ميڊيا تي ٻڌو آهي، تقريب کي آءِ جي سنڌ مشتاق احمد مهر خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور پوليس اڳ ۾ دهشتگردن، ڌاڙيلن ۽ چورن کي آپريشن ذريعي ختم ڪيو آهي ۽ هنن ڏوهارين کي به ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.وڏي وزير انسپيڪٽر جنرل کي بھترين پوليس اھلڪارن جي چونڊ ڪري جنگي فورس تيار ڪرڻ جي ھدايت ڏني تھ جيئن ڌاڙيلن خلاف آخري ۽ فيصلو ڪندڙ ثابت ٿي سگھي. پوليس ڪچي وارن علائقن مان ڏوھاري ختم ڪري ۽ رپورٽ پيش ڪري.هن چيو ته امن ۽ امان واري صورتحال 2008ع ۾ تمام خراب ھئي ۽ صوبي ۾ ڪوبھ روڊ محفوظ نھ ھو، ماڻھون پوليس ڪانوائي، قافلن ۾ سفر ڪندا ھئا. ھن ياد ڏياريندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت صوبي مان ڏوھارين جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ھاڻي صوبي جي صورتحال ڪافي بھتر آھي پر ڪچي وارن علائقن ۾ پريشاني آھي، جتي ڌاڙيلن سندن ٺڪاڻا بڻائي ويٺا آھن. حڪومت ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پرعزم آھي.

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ پوليس ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن لاءِ فوج کي طلب ڪرڻ جي مخالفت ڪندي فائٽنگ اي پي سيز يا ٽينڪ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، وڏي وزير پوليس کي ٽينڪس فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڳڙهي تيغو آپريشن ۾ في الحال پاڪ فوج يا رينجرس جي ضرورت ناهي، سنڌ پوليس ڏوهارين جي خاتمي جي صلاحيت رکي ٿي، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ وڏي وزير کان ڪچي ۾ آپريشن لاءِ فائٽنگ اي پي سيز (ٽينڪ) ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، وڏي وزير کيس خاطري ڪرائي ته جلد ٽينڪس شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ پهچايون وينديون، پوليس ذريعن ۾ بريفنگ ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪچي ۾ 40 کان50 ڏوهاري موجود آهن جن وٽ جديد هٿيار آهن.