گهوٽڪي ۾ وياج خور جي ظلمن کان تنگ ٿي ڳوٺاڻو ٽائيم نيوز آفيس پهچي ويو

0
415

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ۾ وياج خور جي ظلمن کان تنگ ٿي ڳوٺاڻو ذولفقار ڪلوڙ ٽائيم نيوز آفيس پهچي ويو، ڳوٺ مسو خان ڪلوڙ جي رهواسي ڳوٺاڻي ذولفقار ڪلوڙ احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته منهنجي پٽ سان دوکو ڪري وياج خور رياض ڦلپوٽو مونکان 22 لک روپيا وياج جا طلب ڪري رهيو آهي، احتجاج ڪندڙ ذولفقار ڪلوڙ جو چوڻ هو ته وياج خور رياض ڦلپوٽو گهر اچي وياج جا پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ سرقلم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي جنهن سبب سخت پريشان آھيان، ڪيترائي ڀيرا وياج خور رياض احمد پنهنجي ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ پوليس کان گرفتار به ڪرايو آهي، هن چيو آهي ته وياج خور جي ظلمن کان تنگ ٿي چڪو آهيان هاڻ مونکي خاندادن سميت قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي جنهن سبب سمورا گهر ڀاتي پريشان آهيون، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻي ذولفقار ڪلوڙ ڊي آء جي سکر,ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته وياج خور رياض ڦلپوٽو مان جند آجي ڪرائي گهر ڀاتين سميت تحفظ فراهم وياج خور مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.