ڪراچي(م ڊ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پاڪستان کان ايٽمي، ڪيميائي، حياتياتي هٿيارن جي واپار ۽ وڪيلن، جيولرز، پراپرٽي ڊيلرن ۽ اڪائونٽنٽس جي نگراني ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ڀارت مان يورينيم هٿ اچڻ واري معاملي جو جائزو وٺي ردعمل ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي رپورٽ موجب ايف اي ٽي ايف جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي عملي طور تي ٻڌائڻو پوندو ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عمل ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار ڪيو پيو وڃي. وڪيلن، سونارن (جيولرز)، پراپرٽي ڊيلرز ۽ اڪائونٽنٽس جي ڪم جي نگراني ڪئي پئي وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي رسڪ پروفائل موجب مني لانڊرنگ جي ڪيسن ۽ جاچ ۾ اضافو نظر اچڻ گهرجي، رقم منجمد ۽ اثاثا ضبط ڪرڻ جو ڪم به ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. پڌرائي موجب پاڪستان اينٽي مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت واريون خاميون ختم ڪري. پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ايٽمي، ڪيميائي ۽ بائيولاجيڪل هٿيارن جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واري ڪم جي نگراني ڪئي وڃي. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ۾ سوال ڪيو ويو ته ڀارت ۾ يورينيم ليڪ ٿيڻ ۽ جائزي بابت ڇا چوندا؟ ايف اي ٽي ايف جي سربراهه ڊاڪٽر مارڪس پليا چيو ته ڀارت ۾ يورينيم بابت رپورٽن کان آگاهه آهيان پر جيستائين انهن رپورٽن جو جائزو نه وٺون تيستائين ان تي تبصرو نه ٿو ڪري سگهان. ايف اي ٽي ايف جي چوٿين مرحلي ۾ جن ملڪن جو جائزو باقي آهي انهن لاءِ شيڊيول موجود آهي ته جيئن ئي ڪورونا وبا جي صورتحال واضح ٿيندي ڀارت سميت انهن ملڪن ج جائزو شروع ڪيو ويندو. هيٽي، ڏکڻ سوڊان، فلپائن ۽ مالٽا کي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ گهانا کي ڪڍيو ويو آهي.