گاجي کهاوڙ واسي نوجوان ڪراچي بلاول ڪالوني مان مبينا کنڀجي ويو

0
387

گاجي کهاوڙ(ن پ ا) گاجي کهاوڙ جو رهواسي نوجوان عبدالحڪيم گاڏهي 2 هفتا اڳ ڪراچي جي علائقي بلاول ڪالوني مان مبينا طور کنڀجي ويو. ان خلاف سندس جي ڀاءُ اياز گاڏهي ڀٽائي پريس ڪلب گاجي کهاوڙ اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ ڪراچي ۾ ڪپڙي جي دڪان تي بيٺل هيو ۽ ڪراچي ڪمائڻ ويو پر ان کي 2 هفتا اڳ کنڀي گم ڪيو ويو آھي جڏھن ته ان جي ڳولا ڪئي آهي پر هُو ڪنهن به ٿاڻي تي ناهي جڏهن ته اسانجي ڪنهن سان به دشمبي ناهي، جڏھن ته هُن جو فون نمبر به بند آھي جنهن ڪري اسان جا گهر ڀاتي سخت پريشان آھن اسانجي جي ڪنهن به اهڙي پابندي مڙهيل پارٽي سان واسطو ناهي ۽ اسان پر امن شهري آهيون ۽ اسانجو ڀاءُ ڪراچي ڪمائڻ ويو هيو جنهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪڏھن اسانجو ڀاءُ جنهن به اداري وٽ آهي ته خدارا ان کي آزاد ڪيو وڃي.