سنڌ ۾ سڀاڻي کان درگاهون کلي وينديون، نوٽيفڪيشن جاري

0
272
شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه

ڀٽ شاهه(رپورٽر) اوقاف کاتي درگاهون سڀاڻي 28 جون تي ايس او پيز تحت کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي، قلندرلعل شهباز، سچل سرمست، عبدالله شاهه غازي ۽ ٻيون سنڌ جون درگاهون سڀاڻي عام پانڌيئڙن لاءِ کوليون وينديون، جنهن حوالي سان ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر محمد شريف شيخ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايس او پيز تحت وضو ڪرڻ، سماجي وٿي رکڻ ۽ 6 فٽ فاصلو لازمي آهي، درگاه جي داخلي رستن تي سينيٽائيزرگيٽ استعمال ڪرڻ سان گڏ پانڌيئڙن ۾ جاڳرتا لاءِ پينافليڪس لڳاياويندا، لائوڊ اسپيڪر ذريعي ايس اوپيز تي عمل جون هدايتون ڏنيون وينديون، زائرين ۽ اسٽاف لاءِ ماسڪ جواستعمال لازمي هوندو، جڏهن ته بخار ۽ زڪام وارن ماڻهن کي درگاهه اندر نه ڇڏيو ويندو، پانڌيئڙا صرف 10 منٽ تائين درگاهه ۾ زيارت ڪري سگهندا، وڏي عمر وارن ۽ ننڍن ٻارن کي درگاهه ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي، مزارن کي روزاني جي بنياد تي سينيٽائيز ڪيوويندو، پوليس، ضلعي انتظاميه ۽ اوقاف اسٽاف هڪ ٻئي سان هر ممڪن سهڪار ڪندا ، ٻي پاسي درگاهون کلڻ واري اعلان بعد پانڌيئڙن ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي .