گهوٽڪي: ڪچي مان جوابدار گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي2 سو مڻ ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي ويا

0
259

گهوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي جي ڪچي مان جوابدار گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 2 سئو مڻ ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي ويا. آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلندربخش سندراڻي جي رهواسي ڳوٺاڻن قلندر بخش سندراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته برادري جي جوابدارن گهر تي چڙهائي ڪري گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 2 سئو مڻ ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي ويا آهن. احتجاج ڪندڙ قلندر بخش سندراڻي چيو آهي ته شفقت عرف شپلو سندراڻي، شوڪت سندراڻي، بابر سندراڻي پنهنجي ساٿين امان اللّه ٿهيم، معشوق ٿهيم،بهادر باجڪاڻي، راحب ماڇي ۽ ٻين سان گڏجي گهر تي چڙهائي ڪري ڪڻڪ جون ٻوريون کڻي ظلم ڪيو آهي، پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري. احتجاج ڪندڙ قلندر بخش سندراڻي جو چوڻ هو ته معاملي جو آء جي سنڌ،ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي گهر مان چوري ڪيل ڪڻڪ واپس ڪرائي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.