اين سي اوسي عيد الفطر لاءِ گائيڊ لائنز جِي منظوري ڏئي ڇڏي

0
586

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي اوسي عيد الفطر لاءِ گائيڊ لائنز جِي منظوري ڏئي ڇڏي، عيد نماز ڪورونا ايس او پيز سان گڏ کليل جاءِ تي ادا ڪئي وڃي، جيڪڏهن مسجد اندر نماز پڙهڻ لازمي آهي ته در ۽ دڙيون کوليون وڃن، نئين گائيڊ لائين موجب کليل جاين توڙي مسجدن ۾ رش کان بچڻ لاءِ ٻه کان 3 ڀيرا نماز پڙهائي وڃي، بيمار، بزرگ شهرين ۽ 15سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي عيد نماز ۾ اچڻ کان پاسو ڪرڻ جِي هدايت، عيد نماز دوران گهٽ ۾ گهٽ 6 فٽ جو فاصلو رکيو وڃي.