لاهور (م ڊ) گهوٽڪي ٽرين حادثي جي جاچ لاءِ خانگي ماهرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ريلوي اختيارين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهوٽڪي ۾ پيش آيل ٽرين حادثي جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ريلوي اختيارين حادثي جي جاچ لاءِ خانگي ماهرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو، فيصلو ڪيو ويو ته جاچ لاءِ حادثن بابت مهارت رکندڙ ڊاڪٽر عمر جون خدمتون ورتيون وينديون، ڊاڪٽر عمر حادثن واري شعبي جي نجي ڪنسلٽنٽ ڪمپني جو سربراهه آهي. واضح رهي ته گهوٽڪي ويجهو پيش آيل ٽرين حادثي ۾ 70 مسافر فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.