لنڊن(م ڊ) نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم دنيا جي پهرين ٽيسٽ چيمپئن بڻجي وئي، ڀارت کي 8 وڪيٽن تان شڪست ملي وئي. ٽيسٽ چيمپئنشپ جي فائنل جي پنجين ڏينهن ڀارت جي ٽيم بي اننگ 64 رنسون 2 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تان شروع ڪئي ته سڄي ٽيم 170 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پجارا15، ڪوهلي 13، رشڀ پنت41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ٽم سائوٿي 4، ٽرينٽ بولٽ 3، جيميسن 2 ۽ ويگنر هڪ وڪيٽ ورتي. ڪيويز 140 رنسن جو هدف 46هي اوور جي پنجين بال تي ٻن وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو. ليٿم 9 ۽ ڪونوي 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، وليمسن 52 ۽ راس ٽيلر 47 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. ڪائل جيميسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.