گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) ايس ايس پي گهوٽڪي پاران ڳوٺ جانڻ واسو جي رهواسي ڳوٺاڻن جي جرڳي واري معاملي جي ورتل نوٽيس بعد وڏيري امان الله واسو جي ڌر ۽ متاثر مقرر ڪيل انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي حافظ عبدالقادر چاچڙ جي آفيس ۾ پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا، ان حوالي سان ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن ۽ رپورٽ تيار ڪري ايس ايس پي کي پيش ڪندس، واضح رهي ته ناري فهميده واسو جو سڱ وڏيري امان الله واسو کي نه ڏيڻ ۽ ناري جي شادي ٻئي نوجوان سان ڪرائڻ واري معاملي جو جرڳو ڪري درگاهي واسو جي ڌر مٿان 55 لک رپيا ڏنڊ چٽي مقرر ڪئي وئي هئي، ٻي طرف متاثر ڌر جي ماڻهن درگاهي واسو، اميرحمزه واسو، منظور احمد واسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته وڏيري امان الله واسو سڱ نه ڏيڻ ۽ ناري فهميده واسو جي ٻئي جوان سان شادي ڪرائڻ جو جرڳو ڪرائي 55 لک رپيا چٽي مقرر ڪئي آهي ۽ هاڻ وڏيري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، فيصلو نه مڃڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته تحفظ فراهم ڪيو وڃي.