گهوٽڪي (رپورٽر)بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي ئي حڪومتي ڌر پيپلزپارٽي جي ماڻهن پاران مخالف جي  ڊي اي اڳواڻن ۽ حمايتن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ميرحسن ڪورائي جي فرياد جي ڊي اي ايم پي اي (مهر گروپ اڳواڻ)علي گوهر مهر جي منشي  شبراتي ۽ سندس حمايتين عبدالحليم، عبدالرحيم مهر ۽ ياسين پيرزادو مٿان فريادي کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن جي خلاف اڳ ۾ مون کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس سرحد ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. ان ڪيس جي شنوائي جي سلسلي ۾ گهوٽڪي جي عدالت آيس تي رستي ۾ جوابدارن موت مار ڌمڪيون ڏنيون آھن. ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل  عبدالرحيم مهر موجب ته اهي سمورا ڪيس حڪومتي ڌر پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.