گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ ڀرسان عورت کي مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ مارڻ جي ڪوشش، دانهون ڪرڻ بعد جوابدار لٺيون هڻي مڙس ۽ معصوم پٽ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ٻيرڙي جي رهواسڻ عورت مسمات مريم خاتون ميراڻي سول اسپتال گهوٽڪي ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڏير نور محمد ميراڻي پنهنجي ساٿين غلام حسين ميراڻي، عبدالقادر ميراڻي، محمد علي ميراڻي سان گڏجي گهر اندر داخل ٿي ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ جي ڪوشش ڪئي، دانهون ڪرڻ تي جوابدارن لٺيون هڻي مڙس مير محمد ميراڻي ۽ معصوم پٽ مجيب الرحمان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. بروقت ماٿيلو مومل جي ماڙي پوليس چوڪي تي واقعي جو اطلاع ڪيو پر پوليس بااثر جوابدارن جي وانگارو بڻجي انهن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي ميڊيڪل ليٽر به ناهي ڏنو، جوابدارن مان حياتي کي خطرو آهي ۽ ڪارنهن جي ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيندا. احتجاج ڪندڙ عورت مسمات مريم خاتون ميراڻي ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.