ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس پاران مقابلو رچائي 2 ڄڻن کي ڦورو ڄاڻائي مارڻ واري واقعي ۾ مارجي ويل هڪ ڄڻو علام مصطفيٰ عام شهري نڪتو، اهڙي حقيقت سامون اچڻ بعد پوليس اختيارين يو ٽرن وٺي دعويٰ ڪئي آهي ته شهري غلام مصطفيٰ کي هٿاربندن ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو، جڏهن ته مقابلي ۾ رڳو هڪ ڦورو مارجي ويو هو. واضح رهي ته ڪورنگي جي چمڙا چورنگي وٽ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات مبينه مقابلي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هئا، ريسڪيو ذريعن ٻنهي ڄڻن کي ڦورو ڄاڻايو ويو هو، ٻئي طرف ڪراچي ۾ هڪٻئي مقابلي ۾ افغاني جوابدار مارجي ويو، پوليس موجب بلديه اتحاد ٽائون ۾ ابو هريره مسجد وٽ موٽرسائيڪل سوار ٽن شڪين کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، انهن بيهڻ بدران پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جنهن سڃاڻپ عبداللالي طور ٿي، جيڪو افغاني آهي، ٻئي جوابدار عبدالباسط کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان افغان شناختي ڪارڊ، هٿيار ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.