لنڊن(دلچسپ نيوز) گهر جو کاڌو وڪڻي فاسٽ فوڊ خريد ڪندڙ مڙس پڪڙجي پيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي شهري آفيس لاءِ منجهند جو گهران روز کاڌو کڻي ويندو هو، شهري زال جو تيارڪيل اهو کاڌو وڪڻي ٻاهرن فاسٽ فوڊ وٺندو هو، ٻاهرجو کاڌو کائڻ سبب سندس صحت خراب ٿي ته زال کي شڪ ٿيو، دعوت تي گهر آيل هڪ دوست ٻاهر جي کاڌي کائڻ جوانڪشاف ڪيو،زال جي پڇاڻي تي مڙس پهرين انڪار ڪيو بعد ۾ کيس اعتراف ڪرڻو پئجي ويو. ان حوالي سان زال جو چوڻ هو ته هو مڙس کي گهر جو کاڌو انڪري تيار ڪري ڏيندي هئي ته جيئن سندس صحت به بهتر رهي ۽ پيسن جي به بچت ٿئي پر مڙس گهر جو کاڌو وڪڻي سينڊوچ ۽ ٻيون شيون خريد ڪري کائيندو رهيو جنهن سبب سندس صحت خراب ٿي وئي.