چوندا آهن ته ڪنهن به فرد متعلق صحيح پروڙ تڏهن پوندي آهي جڏهن ان شخص سان ڏيتي ليتي ڪجي، گڏ سفر ڪجي يا وري ڪجهه وقت گڏ گذارجي، سردي گرمي ڏسجي، ڪاوڙ ۽ خوشيءَ ۾ ڪنهن شخصيت جي صحيح پروڙ پوي ٿي.
انساني حقن جو علمبردار ۽ نامور صحافي جناب آءِ اي رحمن هڪ پيار ڪندڙ شخصيت جنهن سان ڪراچيءَ کان مٺيءَ تائين هڪ ويگن ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو مليو. انساني حقن جي ڪميشن پاران ٿر ۾ ڏڪار ۽ ٻارن جي موت بابت خبرن جو نوٽيس وٺندي حقيقي صورتحال معلوم ڪرڻ جي لاءِ هڪ مشن جوڙيو ويو، جنهن جي سرواڻي جناب آءِ اي رحمٰن صاحب پاڻ ڪئي ۽ ان مشن ۾ غازي صلاح الدين، عارف حسن، شهلا زيدي، حسين نقي، منير ميمڻ جهڙيون شخصيتون شامل هيون. ڪراچي کان مٺيءَ تائين اٽڪل 300 ڪلوميٽر فاصلي دوران يا وري مٺيءَ ۾ 3 ڏينهن لڳاتار صبح کان شام تائين مختلف ڳوٺن جا دورا، عام ڳوٺاڻن سان ڪچهريون، سرڪاري آفيسن ۾ سرڪاري عملدارن سان ڊگها بحث ۽ وري ڏينهن جي خاتمي تي سڄي ڏينهن جي ڪارروائي واري رپورٽ جي نظرداري ڪرڻ ۽ پڻ رات جي مانيءَ کانپوءِ مشن جي ميمبرن سان ۽ مقامي ميزبان دوستن سان ڪچهري، ڪنهن به مرحلي تي جناب رحمٰن صاحب جي طبعيت ۾ بيزاري محسوس نه ٿي. پر هر وقت کلندي ڳالهائيندي ٻين دوستن جو حوصلو وڌائيندو رهيو. 2018ع ۾ 88 سالن جي عمر ۾ ڊسمبر مهيني جي دوران ڪنهن به طريقي سان جناب رحمٰن صاحب يا وري ٻين سينئر اڳواڻن عارف حسن، حسين نقي ۽ غازي صلاح الدين صاحب پنهنجي عمر جي حساب ٿڪاوٽ جو احساس نه ڏياريو پر ان جي ابتڙ سڀني دوستن لاءِ حقيقي رول ماڊل رهيا.
جناب آءِ اي رحمٰن جو پورو نالو ابن عبدالرحمٰن ۽ پاڻ پهرين سيپٽمبر 1930ع سومر ڏينهن هندستان ۾ ان وقت جي صوبي پنجاب ۽ موجوده هريانا صوبي جي ٻهراڙيءَ ۾ جنم ورتو. رحمٰن صاحب جي ذاتي زندگيءَ تي سندس هم عصر ۽ گهڻي وقت کان لاڳاپيل ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ضرور روشني وجهندا ته جيئن هڪ عظيم انسان متعلق عام ماڻهو ۽ نئون نسل ڄاڻي سگهي پر هڪ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن توڙي هڪ صحافي طور سندس خدمتن کان ڪيترائي پڙهندڙ واقف آهن، ان کان علاوه پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارن جي پهچ ۽ مختلف سرڪاري ادارن يا بااثر ماڻهن جا ستايل ماڻهو انساني حقن جي سرواڻ عاصمه جهانگير ۽ آءِ اي رحمٰن کي هڪ بزرگ هستي طور سڃاڻن ٿا.پنهنجي عمر جي آخري حصي تائين پاڻ ملڪي سياست ۽ ملڪ اندر سماجي مسئلن تي پنهنجي تجزين ۽ مضمونن ذريعي معلوماتي، رهنمائي ڪندڙ رهيا ۽ مختلف سببن کي سادگي ۽ سولائي سان بيان ڪندا رهيا ۽ اهي تجزيا ۽ مضمون ۽ سندس زندگي ايندڙ وقت ۾ به انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي لاءِ وڙهندڙن جي رهنمائي ڪندا رهندا. سندس مضمون جو اسلوب سادو ۽ مسئلن جي جامع پر اختصار ۾ بيان ڪندڙ هوندو آهي. جناب آءِ اي رحمٰن جي قلم هميشه اهڙن موضوعن جي چونڊ ڪئي جن جو تعلق سڌو سنئون عام انسانن جي زندگين سان بڻجي ٿو. جناب رحمٰن صاحب ملڪ ۾ آئين جي بالادستي توڙي ملڪ ۾ انتظامي ڪاروهنوار ۾ پارليامينٽ جي بالادستيءَ جي موضوع تي ڪڏهن به ڪا ٻي راءِ نه رکي ۽ نه وري سياسي قيادت جي وقتي مصلحتن کي بنياد بنائي ڪنهن به اداري پاران پارليامينٽ جي حيثيت گهٽائڻ واري راءِ جي ڪنهن به طريقي سان حمايت ڪئي. هڪ دفعي بحث دوران هڪ مباحثي ۾ اڪثريت چونڊيل نمائندن ۽ سياسي اڳواڻن جي نااهليءَ سبب تجويز ڏني ته جبري پورهئي لاءِ ضلعي سطح تي قائم نگران ڪميٽين ۾ سربراهي ضلعي ناظم بجاءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج کي ڪرڻ گهرجي. رحمٰن صاحب مباحثي ۾ موجود سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي راءِ جو احترام ضرور ڪيو پر پنهنجي واضح راءِ رکي. سندس چوڻ هو ته هڪڙا بنيادي اصول آهن ۽ ٻيا عملي معاملا (Practices) آهن. هاڻي اسان تي ڇڏيل آهي وقتي معاملن کي بنياد بنائي ڇااصل قربان ڪريون؟ سندس چوڻ هو ته چونڊيل ادارا اتم ۽ اعليٰ هجڻ کپن. ٻيا سمورا ادارا ماتحت هجن. پاڪستان جو مسئلو ئي اهو آهي ته وقتي معاملن جو ايڊهاڪ حل ڳوليون ٿا. بنيادي اُصول قربان ڪريون ٿا، جنهن ڪري ملڪ ۾ جمهوري ادارا ترقي ڪري نه ٿا سگهن. جناب آءِ اي رحمٰن صاحب جي هڪ خاص ڳالهه ته پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ به سڄي ملڪ جو سفر ڪيو. ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن تائين وڃي بحث مباحثا، عام ڪچهريون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪيون. سندس خاص ڳالهه ته هر جاءِ تي صدارت ۽ خاص مهمان هئڻ باوجود وقت تي يا ڪڏهن وقت کان اڳي اچي ويٺل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هو. ڪچهريءَ دوران رحمٰن صاحب اڪثر وقت ٻين کي ٻڌڻ ۾ گذاريندو هو. آءِ اي رحمٰن صاحب پنهنجي شخصيت ۾ هڪ نفيس انسان ، هر ڪنهن کي ساڳي ڌيان سان ٻڌڻ، ننڍي وڏي جو هڪ جيترو احترام ڪرڻ ۽ گڏجاڻين دوران اختلاف راءِ کي اهميت ڏيڻ واري خاصيتن سبب هر ڪنهن لاءِ هر دلعزيز شخصيت هوندو هو. آءِ اي رحمٰن ۽ عاصمه جهانگير جهڙا ماڻهو پنهنجي ڪردار سبب هڪ وڏو خال ڇڏي وڃن ٿا. سندس وفات انساني حقن جي ڪارڪنن توڙي سندس جدوجهد سبب فائدو حاصل ڪندڙ غريب ۽ بي پهچ ماڻهو پنهنجو ذاتي نقصان سمجهن ٿا.پوري پاڪستان ۾ اهڙا ڪيترائي گهر هوندا جيڪي اڄ محسوس ڪندا هوندا ته شايد سندن گهر يا پاڙي جي ڪنهن بزرگ شخصيت جي ڇانو کان محروم ٿيا آهن.