حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قانون جو خوف ختم ٿي ويو، ريسنگ ڪندڙ نوجوانن جي موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، آبپاشي کاتي جو ملازم جنيد شيخ تيز رفتار موٽر سائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو، موٽر سائيڪل سوار نوجوانن کي ماڻهن پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، ٿاڻي تان نوجوان غائب ٿي ويا، آبپاشي ملازمن پاران احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ اکين ڏٺن شاهدن موجب جنيد شيخ پنهنجي فيملي سان موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ريسنگ ڪندڙ نوجوانن ڄاڻي واڻي کيس ٽڪر هنيو، واقعي ۾ ملوث نوجوانن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ريسنگ ۽ ون ويلنگ تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.