ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا ايس او پيز وارو معاملو، گهرو کاتي نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، سنڌجي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ ڪاروباري سرگرميون صبح 6 وڳي کان رات 8 وڳي تائين رهنديون، جمعي ۽ آچر تي سيف ڊيز طور ڪاروباري سرگرميون معطل رهنديون، سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻائين، گهرو کاتي موجب سماجي، سياسي، ثقافتي، راندين، ميوزيڪل ۽ مذهبي تقريبن تي پابندي هوندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورن سرڪاري ۽ نجي آفيسز جي جاين تي ماسڪ ۽ سماجي وٿي برقرار رکڻي پوندي، نئين ايس او پيز تي ايندڙ مهيني 16 مئي تائين عملدرآمد ڪيو ويندو.