گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ويجھو ڳوٺ پپري ۾ 60 ورھين جي پيرسن ممتاز جوڳي گھرو اڻبڻت تان جيت مار زھريلي دوا پي ڇڏي. آپگھات جي ڪوشش ڪندڙ پيرسن کي سندس وارثن گمبٽ گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪرايو، جتي ڊاڪٽر ۽ عملي کيس بروقت علاج ڏنو. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته پيرسن کي علاج ڏنو آھي، پر ڪجھ ڪلاڪ سندس لاءِ اھم آهن.