ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم ۾ پرڻيل عورت پاران آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش، اسپتال داخل. ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ سچيڏنو ساند ۾ 30 ورهين جي شادي شدهه عورت جسوندي زال گووند باگڙي گهريلو اڻبڻت سبب گهر اندر پيل زهريلي جيت مار دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم ۾ داخل ڪيو ويو آهي.